Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

ھير چانڊيو دادو پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي

 ھير چانڊيو دادو پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي۔



دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) 

عوامي سماچار آن لائن





دادو لڳ جهلو ٿاڻي جي حد ڳوٺ الھڏتو چانڊيو ۾ ھڪ ھفتو اڳ مبينا طور فوت ٿي ويل مسمات لطيفان زال مرحوم ڪريم بخش چانڊيو جي ڌي ھير چانڊيو دادو پريس ڪلب ۾ ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي  انڪشاف ڪيو آھي ته منهجي چاچن. مامن ۽ سوٽن روضن واري عيد کان ھڪ ڏينھن اڳ مون ۽ منھنجي 2 معصوم ڀائرن ۽ 2 ننڍين ڀينرن کي ڪمري ۾ بند ڪري اسان جي ماءُ لطيفان  کي گهر ۾ منهن تي وهاڻا ڏئي ساھ ڪڍي قتل ڪري ڇڏيو آھي.امان وٽ 11 جريب زمين ۽ مال متاع ھئو جنھن جي ھو گھرڪري رھيا ھئا امان جي انڪار تي کيس قتل ڪري اسان جو مال به ڪاھي ويا آھن. جھلو پوليس اطلاع تي پھچي لاش کڻي سول اسپتال پھچايو. جتي مامي غلام نبي ۽ غلام رسول ڪوڙو بيان ڏئي چيو ته اسان جي ڀيڻ کي ڪنهن قتل نه ڪيوآھي.رضا الاھي سان انتقال ڪري وئي آھي.  منهجي مامن چاچن ۽ سئوٽن بهادرچانڊيو.سڄڻ چانڊيو. غلا رسول چانڊيو. غلام نبي چانڊيو. مجيد چانڊيو۔ جلال چانڊيو وارن اسان کي ڪمري ۾ بند ڪري امان کي ملڪيت تان قتل ڪيو. منھنجي ماءَ جي قاتلن ملي ڀڳت ڪري جھلو پوليس ۽ ڊاڪٽرن  کي هيسائي رشوت ڏئي  پوسٽ ماٽم  نه ڪرايو. ناري چيف جسٽس آف پاڪستان.چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ وزير اعظم پاڪستان عمران خان. پيپلزپارٽي  چئرمين بلاول ڀٽو زرداري. آءِ جي سنڌ. ڊي آءِ جي حيدرآباد۔ ايس ايس پي دادو ڊي ايس پي دادو  انساني حقن جي تنظيمن ۽ وس وارن کي اپيل ڪئي آھي ته منهجي امڙ کي ملڪيت تان قتل ڪيو ويو آھي سندس قبر ڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪيو وڃي.منھنجي زندگي کي وڏو خطرو آھي مان ڪنھن وٽ گھران نڪري پناھ ورتي آھي انھن کي به خطرو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي تحفظ ڏنو وڃي. قاتلن کي عبرت ناڪ سزاڏئي  اسان يتيمن سان انصاف ڪيو وڃي.

Post a Comment

0 Comments