Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

سانوڻ مند دوران جانورن ۾ امڪاني طور مختلف بيماريون پکڙجڻ کان اڳواٽ بچاء لاءِ ويڪسين ۽ علاج ڪرڻ لا۽ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون

 سانوڻ مند دوران جانورن ۾ امڪاني طور مختلف بيماريون پکڙجڻ کان  اڳواٽ بچاء لاءِ ويڪسين ۽ علاج ڪرڻ لا۽ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون۔


  دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخیلی) 

عوامي سماچار


لائيو اسٽاڪ دادو پاران تعلقي جوهي ۾ سانوڻ مند دوران جانورن ۾ امڪاني طور مختلف بيماريون پکڙجڻ کان  اڳواٽ بچاء لاءِ ويڪسين ۽ علاج ڪرڻ لا۽ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون آھن ان موقعي تي مذڪورہ ٽيمن جي انچارج  



عطاءاللہ جمالي ٻڌايو تہ ايندڙ سانوڻ مند ۾ امڪاني شديد برساتن سبب جانورن کي مختلف وچڙندڙ بيمارن کان اڳواٽ بچاءَ لاء ٽڪا هڻڻ ۽ بيمار جانورن جي علاج ڪرڻ واسطي ٽيمون جوڙيون ويون آھن. ھن وڌيڪ ٻڌايو تہ ھن مھل تائين 30 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ 22000 ھزار کان وڌيڪ ننڍن وڏن جانورن کي مختلف بيمارين کان اڳواٽ بچاء جا ٽڪا لڳايا ويا آھن. مذڪوره ڳوٺن ۾ ڳوٺ شفيع محمد لنڊ، فتح بروھي، علي شير ٻٻر، پريو جمالي، واھي پانڌي، بکر جمالي، غلام علي رستماڻي، شوري، غلام قادر، بکر، سيوو ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آھن ايڊيشنل ڊائريڪٽر لائيواسٽاڪ ڊولپمينٽ ڪاڇو ايٽ چوھي ڊاڪٽر قطب ڪلھوڙو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالله جمالي مالوند ڀائرن کي صلاح ڏني آھي تہ هو پنهنجي علائقي جي ويجهي جانورن جي ڪيمپ يا وٽنري مرڪزن سان رابطو ڪن ۽ پنهنجن جانورن کي مختلف وچڙندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاء جا ٽڪا لڳرائن ۔

Post a Comment

0 Comments