آمريڪا جي ناجائز اولاد اسرائيل پاران مظلوم فلسطينن مسلمانن مٿان ظلم ۽ بربريت خلاف دادو ۾ احتجاج۔
دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)
عوامي سماچار آن لائن
آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ضلع دادو پاران آمريڪا جي ناجائز اولاد اسرائيل پاران مظلوم فلسطينن مسلمانن مٿان ظلم ۽ بربريت خلاف پروفيسر محمد عرفان ڪلهوڙو ، سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو؛ منيراحمد سيال ، نواب مگسي ، علي رضا ٻگهيو، احمد علي ڏاهري ، مسرور هاليپوٽو؛ فداحسين پنهور علي گل پنهور،سليم اخترپنهور، شهبزاد پنهور ۽ اسڪولن جي ٻارڙن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ احتجاجي ريلي علامه آئي آئي قاضي لائبرري پارڪ نڪتي دادو شهر جي ايس ايس پي چونڪ ڪچهري روڊ کان ٿيندي دادو پريس ڪلب پهتي احتجاجي ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي ھٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي اسرائيل جي ظلم ۽ فسطينين مسلمانن جي حمايت ۾ نعرا لکيل هئا ريلي ۾ شريڪ اڳوڻن ۽ شھرين اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ خلاف سخت نعري بازي ڪندي فلسطيني عوام سان يڪجھتي جو اظھار ڪندي چيو ته دنيا جا مسلمان مقدس ڌرتي قبله اول تي يھودين جي اجاداري ڪڏھن به قبول نه ڪندا ۽ اسرائيل ۔آمريڪا ۽ انھن ساٿارين کي ٻڌائڻ ٿا چاھيون ته فلسطيني تي ظلم ۽ بربريت ڪڏھن به برداشت نه ڪندا سين اسان فلسطينن سان گڏ آھيون ۽ اسرائيل جي غنڊاگردي جي سخت مذمت ڪيون ٿا

0 Comments