ايس ايڇ او جوھي رھڙا ھلائيندڙ , ڪئبنون ھلائيندڙ غريب پورھيتن خلاف رڻ ٻاري ڏنو۔
جوھي ( عوامي سماچار آن لائن نيوز۔)
ايس او پيز جي آڙ ۾ منٿلي اوڳاڙڻ جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو , منٿلي نه ڏيندڙ غريب پورھيتن کي ڊيوٽي اٽڪاء جا ڪيس داخل ڪري ڪئبن ھلائيندڙ ذھني مريض نوجوان کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو , خبر موجب جوھي شھر لڳ ڳوٺ گوليمار جي رھواسي نوجوان ذاڪر حسين رند پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايس ايڇ او جوھي اختر لاشاري منھنجي پورھيت ڀاء ڪئبن ھلائي گھر جو گذارو ڪندڙ ذھني مريض عرفات علي رند کي منٿلي نه ڏيڻ تي ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري لاڪپ ڪري چالان ڪري ڇڏيو آھي , ھن چيو ته منھنجي ڀاء جي ڪئبن به بند ھئي , انھي جي باوجود به ايس ايڇ او جوھي اختر لاشاري منھنجي پورھيت ڀاء کي منٿلي جا پئيسا گھري ڪري تنگ ڪري رھيو ھو , منٿلي نه ڏيڻ تي ايس ايڇ او جوھي منھنجي ذھني مريض ڀاء عرفات علي رند کي ڊيوٽي اٽڪاء جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري چالان ڪري ڇڏيو آھي , جيڪا اسان سان وڏي ناانصافي آھي , ھن چيو ته منھنجو ڀاء ذھني مريض آھي , جنھن جو علاج ھلندڙ آھي , جيڪو دوائون کائڻ کانسواء ھلي نٿو سگھي, آخر ۾ ھن چيو ته منھنجي ذھني بيمار ڀاء عرفات رند کي ڪجھ به ٿيو انھي جو ذميوار ايس ايڇ او جوھي اختر لاشاري ھوندو ,

0 Comments