لنڊ اتحاد جوھي جي اڳواڻ شريف لنڊ پريس ڪانفرنس ڪندي۔
ڊرگھ بالا رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ
عوامي سماچار آن لائن۔
لنڊ اتحاد جوھي جي اڳواڻ شريف لنڊ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته واهي پانڌي ٿاڻي تي پوليس موبائيل ڊائيورمحرم گوپانگ جيڪو گاجي شاھ جي ميلي تي مون سان هوٽل ۾ ڀائيوار هو هوٽل تي خرچ اڍائي لک هو ۽ھوٽل جي ڪمائي ست لک روپيه هئي جيڪا آخري رات محرم پاڻ جوهي کڻي آيو جڏھن آئون ساڍا چار لک روپيه بچيل سيل کان مون کي پوليس گردي ڪري پئسا ڏيڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو , الٽو ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون پيو ڏي ھن چيو علائقي جي چڱن مڙسن جي فيصلي کان به انڪاري بڻيل آھي,آئون ۽ھن سان هوٽل جي حصيداري جي ڪري قرض کنيو هو جيڪو آئون قرض گهر جو سامان کپائي لاٿو آھي ھن وقت منهنجي گهر جو گاڏو هلائڻ ڏکيو ٿي ويو آھي ھن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدر آباد ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي پوليس موبائيل ڊرائيور محرم گوپانگ خلاف ڪاروائي ڪري مون کي پنهنجو وهنوار واپس ڪرائي ڏنو وڃي۔

0 Comments