Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

دادو جي عدالت ٻاهران سخت گرمي ۾ معذور نوجوان روڊ تي سمهي انوکو احتجاج ڪيو

 دادو جي عدالت ٻاهران سخت گرمي ۾ معذور نوجوان روڊ تي سمهي انوکو احتجاج ڪيو


دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)

عوامي سماچار آن لائن




 دادو جي عدالت ٻاهران سخت گرمي ۾ معذور نوجوان نظير پٽ طالب چانڊيو روڊ تي سمهي انوکو احتجاج ڪيو سيشن جج سان ملاقات ڪرايو ٻئي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو نادرا آفيس دادو انچارچ گم ٿيل شناختي ڪارڊ ڊپليڪيٽ ٺاهڻ لاءِ رشوت طلب ڪري رهيو آهي رشوت نه ڏيڻ تي ڌڪا ڏئي نادرا آفيس مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي جڏهن ته مون وٽ ڪارڊ گم ٿيڻ جي ٿاڻي جي اين سي پڻ موجود آهي نوجوان جو چوڻ هو ته اسان معذورن کي معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ٿيون ملن اسان معذور بي روزگار آهيون نوڪري اسان جو حق آهي معذور نوجوان سخت گرمي ۾ روڊ تي سمهي پيو سيشن جج دادو نوٽيس ورتو، معذور کي ڪارڊ ٺهرائي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي دادو نادرا انچارج مرتضيٰ کوسو طلب معذور نوجوان احتجاج ڪندي چيو صرف شناختي ڪارڊ نه پر نوڪري به ڏيو معذور نوجوان احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، بيروزگار آهيان بکئي پيٽ لاءِ ماني جي ضرورت هوندي آهي ان لاءِ سرڪاري نوڪري ڏيو

Post a Comment

0 Comments