Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

سنڌ اندر وڌندڙ قبائلي تڪرارن بحريا ٽائون جي ظلم ۽ ھٿرادو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

سنڌ اندر وڌندڙ قبائلي تڪرارن بحريا ٽائون جي ظلم ۽ ھٿرادو پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج



قاضي احمد رپورٽ  محمد موسىٰ جتوئي  

عوامي سماچار آن لائن



سنڌ اندر وڌندڙ قبائلي تڪرارن بحريا ٽائون جي ظلم ۽ ھٿرادو پاڻي جي کوٽ خلاف اڄ قاضي احمد شھر جي سياسي سماجي تنظيمن پاران سول سوسائٽي قاضي احمد جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب قاضي احمد پھتا جتي اڳواڻن ڊاڪٽر شبير چانڊيو، فقير ساجن ڪنڀر، ديپڪ باغي، صوفي محمد امين اوٺو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت عالمي سازشن جو مقابلو ڪرڻ بجاء ڌرتي ڌڻين کي ننڌڻڪو ڪري ڇڏيو آهي ھڪ طرف سنڌ اندر رياستي قُوتون سرداري نظام کي ھتي وٺرائي قبيلائي تڪرارن ذريعي سنڌي ماڻھن جو قتل عام ڪري رھيون آهن ٻئي طرف بحريا جي ھٿ ٺوڪي حمايت ڪندي سنڌ جي زمينن تي قبضو ڪري سنڌي ماڻھن کي پريشان ڪري رھي آهي ٻئي طرف ھنن چيو ته سنڌ جي قومي ۽ مزاحمتي شاعر زخمي چانڊيو جي خاندان کي ذاتي دشمني جي آڙ ۾ قتل ڪرائي رھي آهي ته ٻئي پاسي پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري سنڌ جي ماڻهن کي پريشان ڪيو پيو وڃي ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته سنڌ جي موجوده حالاتن خلاف سازشون بند نه ڪيون ويون ته سنڌي ماڻهو مزاهمتون ڪندا ھنن چيو ته سڀاڻ ڪٿي ائين نه ٿئي جو سنڌي نوجوان باغي ٿيڻ تي مجبور ٿي وڃن ان موقعي تي هنن سنڌ جي حقن جي مفادن ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه جي ڪيل اعلان 6 جون تي بهريا ٽائون جي مين گيٽ وٽ لڳندڙ ڌرڻي جي حمايت پڻ ڪئي.

Post a Comment

0 Comments