اسرائيلي جارحيت اڳيان اسلامي قوتن جو ڪردار
_________________________________
محمد اسماعيل لانگاھ
_________________________________
چوندا آهن ته جيڪڏھن مهمان ۽ برسات لاڳيتو رهي پون اهي ميزبان لاء رحمت بجاء مصيبت بڻجي وينداآهن, ٻي جنگ عظيم جنگ ۾ فلسطين جي پاڪ سرزمين تي پهتل يهودين کي فلسطين سرزمين تي مهمان طور رهايو ويو جنهن کي پنهنجون زمينون ملڪيتون مفت ۾ ڏيندڙ فلسطينين کي اها خبر نه هئي ته اڳتي هلي اسرائيل اسان جي آزادي کي پنهنجي قوت ۾ قابو ڪري ڇڏيندو ٿيو به ايئن مهاجرن جي روپ ۾ فلسطين پاران رهايل اسرائيلن آهستي آهستي فلسطينين جي فرمائشن پورين ڪرڻ کانپوء انهن جي سرزمين تي پاڻ کي ملڪ تسليم ڪرڻ لڳو, ان دوران مزاحمت کانپوء اسرائيل فلسطين جي عوام مٿان ظلم شروع ڪري ڏنا, آمريڪا کان ڪوهين ڏور پري ۽ مسلمانن جي گهيري ۾ ويٺل اسرائيل اربين آباديون رکندڙ مسلم قوتن کي پريشان ڪري ڇڏيو جنهن لاء جنهن لاء نه جنگ نه صلح جو ڪو در ڇڏيو آهي جيڪي فلسطينين جي قوس تي به ڪُڇڻ جي وصيعت پاڻ ۾ نه پيا سمجهن90 لک جي لڳ ڀڳ آبادي رکندڙ اسرائيل جنهن جو هميشه محافظ رهندڙ آمريڪا اربين مسلم قوتن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي سن 48ع ۾ فلسطين جي سرزمين تي مهاجرن جي روپ ۾ قائم ٿيل اسرائيل خلاف متحد ٿيل مسلمانن ۽ انهن جي اتحاد او آء سي جي اهم اڳواڻن شام جي حافظ اسد, سعودي جي شاه فيصل, لبيا جي ڪرنل قذافي, پاڪستان جي ذوالفقار علي ڀُٽو جهڙن عظيم اڳواڻن کي رستي تان هٽائڻ ۾ به آمريڪا جو ڪردار رهيو هن وقت تائين هن ڪڏھن به نه چاهيو آهي ته ڪا مسلم قوت اسرائيل اڳيان اٿي بيهي هن وڏن وڏن عالمي ادارن کي پنهنجي چنبي ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي جيڪي ڪنهن به صورت ۾ تازي صورتحال بابت راء ڏيڻ گوارا نٿا سمجهن ۽ آمريڪي حمايت اصل کان وٺي اسرائيل سان گڏ ھُئي مهمان جي صورت ۾ رهايل آڱرين تي ڳڻڻ جيتري اسرائيل هاڻ وچ مسلمانن ۾ ويهي فلسطين جي عوام سان جيڪو تاريخي ظلم ڪري پيو ان تي اقوام متحده سميت سموري عالمي برادري جي خاموشي تي افسوس ۽ مسلمانن جي مجرماڻي خاموشي تي حيرت ٿي رهي آهي ته آخر اهو ظلم ڪيستائين برداشت ڪيو ويندو رهندو, ڇا سڄي دنيا اسرائيل اڳيان گوڏا کوڙي ويهي رهندي, صرف هو مذمتي قراردادون, ٺھراءُ, احتجاجي مظاهرا, ۽ اپيلون ڪندا رهندا يا پوري دنيا ان اسرائيل جا معاشي, صنعتي تجارتي, مواصلاتي, فضائي طرح بائيڪاٽ ڪري ان جي سپورٽر آمريڪا ۽ اسرائيلي جي قوت کي ڪمزور ڪري سگهندا شايد مسلم قوتن ۾ ايتري سگھ ڏسڻ ۾ نه اچي رهي آهي جيڪي يهودي اسرائيل سامهون مزاحمتي محاذ جوڙي سگهن اعلان جنگ ڪري سگهن گذريل ٻن هفتن کان غزه جي پٽي تي اسرائيلي جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ عمارتون اسپتالون, آفيسون, روڊ رستا به تباه ڪيا ويا آهن هن وقت تائين ٿيل حملن ۾ فلسطيني صحت واري وزارت مطابق اسرائيلي جارحيت ۾ گذريل سومر کان هيل تائين 85 ٻارن، 34 عورتن سميت شهيدن جو انگ 218 کان وڌي ويو آهي، جڏهن ته ساڍا 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، معصوم فلسطينين جي شهادتن باوجود آمريڪا اسرائيل جو حمايتي بڻجي ويٺل آهي بي بي سي جي ڏنل رپورٽ مطابق آمريڪا هڪ هفتي ۾ ٽيون ڀيرو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي گڏيل پڌرنامو جاري ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو فلسطينين تي اسرائيل جي ظلم جي مخالفت بجاء آمريڪا صدر جوبائيڊن هن تازي ڇڪتاڻ جي حوالي سان اسرائيل کي 73 ڪروڙ 50 لک ڊالر جا هٿيار وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي, دنيا کي دهشتگرد سمجهندڙ آمريڪا اسرائيل جي هن عالمي دهشتگردي وارين ڪاروائين تي خاموش آهي اسرائيل وٽ ھن وقت جيڪا به ويڙھاند لاء قوت موجود آهي سا ڪنهن کان لڪل ناهي ته هن وٽ ھٿيار, بم ۽ ٻيو بارود ڪٿان اچي ٿو اسرائيل جي ظلم تي افسوس کان هٽي ڪري وري نظر ڦيرائجي ته آخر دنيا ۾ رهندڙ اسلام جهڙو طاقتور مذهب, ڌن دولت, تيل , سون جهڙيون مال مال اسلامي قوتون پنهنجي فلسطيني ڀائرن ڀينرن ,معصوم ٻارن جي قتل عام تي خاموش رهي ڪري صرف مذمت تائين محدود ڇو ٿي ويا جيڪو آمريڪا هن وقت مسلمانن جي مالي ملڪيت تي پاڻ به پلجي پيو پنهنجي پُٽ اسرائيل کي به پالي پيو ان اڳيان به مسلمانن کي ڪُڇڻ جي قوت ناهي آمريڪا اڳيان ڪنڌ جهڪائي ويٺل عرب ليگ, او آء سي, اداري جو آخر ڪم ڪهڙو آهي جو اسرائيل فلسطين سان پنهنجو ظلم ۽ بربريت بند ڪرڻ لاء تيار ئي ناهي
۽ دنيا اندر ڪورونا وبا جي آڙ ۾ آمريڪا جي سڄي پروپيگنڊه صرف اسلامي طاقت ۽ مسلمانن کي ڪمزور ڪرڻ ھُئي جيڪي ڳالهيون لڪل نه ظاهري طرح پڌريون ٿي رهيون آهن ڪورونا وبا نه پر صرف اسرائيل کي عرب ليگ ۾ هڪ الڳ ملڪ تصور ڪرڻ جي ايجنڊا رٿي وئي آهي, جنهن لاء هن عرب امارات سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن تي زور ڀريو ۽ آمريڪا پنهنجي ان منصوبي ۾ بلڪل ڪامياب ويو, عرب ليگ ۽ او آء سي ۾ ڏار وجهي پنهنجي ناپاڪ ارادن ذريعي هن وقت آمريڪا مسلم قوتن تي ڄڻ حاوي ٿي چُڪو آهي اسلامي ملڪن ۾ ھن وقت پاڪستان ۽ سعودي آمريڪا جي نشاني تي آھن, اسرائيل لاء خطرو بڻيل ايران کي سبق سيکارڻ لاء ھو سعودي عرب ۾ پنهنجو باقائده اثر رسوخ رکي ٿو, پاڪستان پنهنجي ائٽمي طاقت آڌار عوام کان لڪي ڪري اسرائيل کي ملڪ تسليم ڪرڻ جون تياريون پيو ڪري پر عوامي مزاحمت جي خطري سبب ان معاملي کي لڪائيندو رهيو آهي پر راز ظاهر ٿيڻ کانپوء ھُو هٿ به کڻي ويندو , اسرائيلي جارحيت جو سڄي ڊرامي جو سين آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ويڙھاند طئي ٿيڻي آهي, اسرائيل خلاف جواز ڪڍڻ لاء ھي ڊرامو رچايو ويو آهي هونئن ئي ڀي آمريڪا افغانستان مان فوج ڪڍي سعودي ۽ پاڪستان ۾ رهائڻ چاهي ٿو جيئن هوايران کان پلاند به وٺي سگهي ۽ مسلمانن ۽ عرب ليگ اندر نفرت جو هڪ نئون ٻج به اڇلائي پر سعودي عرب هن وقت پوري طرح آمريڪي پاليسين جي پاسداري ڪندي نظر اچي رهيو آهي ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪا پنهنجي هن رچايل نئين راند ۾ ڪنهن جو نشانو ٿو ڪري, هن راند ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻئي ملڪ آمريڪي ايجنڊا تي آهن جنهن جي حمايت ذريعي هو ڪا وڏي گڙٻڙ ڪري سگهي ٿو, ان کان پهرين هو پاڪستان کي افغان مسئلي, ۽ سعودي کي ايران ۽ يمن جي خوف ۾ ڦاسائڻ چاهي ٿو, جيئن شروع کان هن لٺ ۽ چٺ واري روايت رکي آهي هاڻ به ايئن ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اسرائيل جارحيت ان پروگرام جو حصو آهي جنهن کي پاڪستان ۽ سعودي چڱي ريت سمجهڻ باوجود فلسطين معاملي کي سلجهائڻ باوجود پاسيرا ٿي بيٺل آهن جيڪو معاملو اڳي پوء ٻنهي ملڪن لاء سنگيني صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو, ان لاء سعودي ۽ پاڪستان جو موجوده صورتحال ۾ ڪردار اهم سمجهيو پيو وڃي جنهن لاء ٻنهي ملڪن کي موئثر ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن خطو ٻي سويت جنگ جو سبب نه بڻجي سگهي۔

0 Comments