سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ڪنهن وبا کان گهٽ ناهن......!!!!
(تحرير: مختيار سنڌي)
ميهڙ
عوامي سماچار آن لائن
سنڌ ڌرتي جيڪا بزرگن اولين جي ڌرتي آهي سنڌ ته هونئن ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي ڪڏهن سنڌ جي دل ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ ڪڏهن ڪراچي مان ڪراچي جي وارثن کي ڌڪارڻ جي ڪوشش ڪرڻ ته وري ڪڏهن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ ڪڏهن افغانين کي ڪوڙا ڊوميسائل ٺاهي ڏيڻ سميت سنڌ ڪيترن ئي مسئلن جي ور چڙهيل آهي.
هاڻي وري هڪ خطرناڪ وبا جي شروعات ٿي آهي جنهن خطرناڪ وبا جو نالو قبائلي تڪرار آهي.....!!!
سنڌ ۾ قبائلي جهيڙن هڪ اهڙو خطرناڪ رخ اختيار ڪيو آهي.
اهو خطرناڪ رخ امن جي انتهائي دشمني ۾ آهي.
تازو ڪجھ ڏينهن اڳ ڪنڌڪوٽ ۾ پيش آيل واقعي قبائلي تڪرار ۾ هڪ ئي گهر جي 10 ماڻهن کي گولين جو کاڄ بڻائي موت جي ننڊ سمهاريو ويو.
جنهن ۾ ننڍڙا معصوم صغير به شامل آهن.
جنهن سبب سنڌ ۾ ڏک جي لهر تيزي سان ڊوڙي وئي. ۽ غم جي فضا ڇائنجي وئي.
هڪ ئي گهر جا 10 قتل ٿيڻ ڪنهن وڏي ظلم سانحي کان گهٽ ناهي.
جنهن واقعي جي جيتري به مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.
10 ماڻهون قتل ڪندڙ ڏوهاري جي ويڊيو رڪاڊنگ به سوشل ميڊيا تي وائرل آهن.
انهي ويڊيو رڪاڊنگ ۾ صاف ظاهري طور تي وڏا جديد خطرناڪ هٿيار به ڏسي سگهجن ٿا. انهي ويڊيو مان سوال بڻجن ٿا ته جهنگ ۾ رهندڙ ڏوهارين وٽ اهڙا جديد خطرناڪ هٿيار ڪيئن پهتا......!!!!
ها انهن مان اهو سمجهي سگهجي ٿو ته انهن ڏوهارين کي بااثر جي سپورٽ ٿي سگهي ٿي.
اگر جيڪڏهن ڪنهن حد ۾ ڪهڙي به قسم جو ڏوه ٿئي اتان جي بااثرن ڏاڍن حد جي پوليس کي زميوار قرار ڏنو وڃي ته شايد سنڌ ۾ ايترا مسئلا جنم نه وٺندا.
موبائل فونون ڪيئن پهتون ۽ اهڙا رڪاڊنگ سوشل ميڊيا تي ڪيئن وائرل ٿين ٿا.
ائين کڻي چئجي ويڊيو رڪاڊنگ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ پوليس لاء هڪ وڏي چيليج کان گهٽ ناهي.
۽ ٻيو ته دادو ضلعي جي تعلقه ميهڙ قاضي عارف ڀرسان (نئون ڄامشورو) واري علائقي ۾ 21 رمضان المبارک جي ڏينهن ٻه جانيون ضايع ڪيون ويون.
جنهن ۾ هڪ چانڊيا برادري ۽ هڪ ميرجت برداري سان تعلق رکندڙ هئا.
مقتولن جي وارثن پاران ايف آء آر ميرجت برادري جي ماڻهن تي ميهڙ ٿاڻي تي پڻ درج ٿيل آهي.
مقتول جي وارثن پاران مسلسل پريس ڪلبن تي احتجاج رڪارڊ ڪرايا. پر ميهڙ پوليس جي تحرڪ نه ورتو.
جنهن کان بعد مقتول جي وارثن مجبور ٿي ٿاڻي احتجاجي ڪئمپ لڳائي ڌرڻو جاري رکيو.
بعد ڊي ايس پي ميهڙ ايس ايڇ او B سيڪشن مظاهرين وٽ پهتا.
افسوس جهڙي ڳالھ اها آهي ته تقريبن ائين هوندو آهي ته عوام کي احتجاج لاء روڊن تي نڪرڻ لاء مجبور ڪرڻ کان بعد پوليس انهي معاملي جي نوٽيس وٺندي آهي. جيڪي اهڙا رويا جهيڙن فسادن تڪرارن جا سبب بڻجن ٿا.
سنڌ پوليس جون امن امان بحال ڪرڻ لاء تمام اهم ڪردار آهي. جن پنهنجي زندگين جي پرواه نه ڪري ڏوهارين سان اٽڪائيندي امن امان بحال ڪرائڻ لاء پنهنجيون زندگيون قربان ڪندا رهن ٿا. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو سنڌ پوليس ۾ ڪارين رڍن جي ڪري ايمانداري سان ڏيوٽيون ڏيندڙ پوليس آفيسر به اهڙن ڪارين رڍن جي ئي ڪري بدنام آهن.
سنڌ پوليس ۾ ڀرتي ٿيل ڪارين رڍن جي ڪري بدامني گهٽجڻ بجاء ڏينهون ڏينهن وڌنڌي نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ وڌندڙ قبائلي جهيڙن جا اصل سبب پوليس ۾ ڀرتي ٿيل ڪارون رڍون به بڻجن ٿا.
قبائلي جهيڙن جا اصل سبب ٿاڻي تي متاثر جي دانهن نه ٻڌڻ به ٿين ٿا.
سنڌ ۾ ڪيترن ئي مختلف برادرين ۾ تڪرار هلندڙ آهن ۽ سنڌ ۾ مختلف برادرين جي تڪرارن سبب سوين جي تعداد ۾ انسانيون جانيون ضايع ڪيون ويون. پر تڪرارن کي ختم ڪرائڻ ۾ حڪمرانن کي ڪابه دلچسپي ناهي.
اگر سنڌ ۾ هلندڙ مختلف برادري جي تڪرارن جي خاتمي لاء دلچسپي وٺن ها ته شايد سنڌ ۾ اڄ قبائلي جهيڙا نه هجن ها.
۽ سنڌ ۾ قتلام رتوڇاڻ نه هجي ها. بس ڪرپٽ حڪمران اهو ئي ٿا چاهين ته هي قوم هميشه اسان جي مدد جا طلبگار هجن.
۽ اسان جي غلامي ڏين.
ته جيئن اسان هنن جي حق تي هميشه جيان قابض بڻيل هجون.
برحال: هن آرٽيڪل ذريعي اهو مطالبو ڪجي ٿو ته ڪنڌڪوٽ ۾ 10 ماڻهون ماريندڙ ظالم بيرحم ڏوهارين ميهڙ قاضي عارف ڀرسان قتل ٿيل ٻن ڄڻن جي قاتلن سميت جيڪي به ڏوهاري قسم جا ماڻهون آهن انهن خلاف سخت ڪريڪ ڊائون ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.
ته جيئن متاثر خاندان سان انصاف ٿي سگهي. ۽ هن آرٽيڪل ذريعي سياسي . سماجي . مذهبي اڳواڻن . سڄاڻ ڌرين سميت پنهنجي قوم جي خدمت ڪندڙ تنظيمن کي هٿ ٻڌي🙏عرض رکجي ٿو ته خدارا سنڌ ڌرتي تي هلندڙ قبائلي جهيڙن تڪرارن جي خاتمي لاء پنهنجيون سرگرميون تيز ڪن.
ته جيئن سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ ظلمن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي.

0 Comments