ناهي وقت ويهڻ جو!!
دريا خان جهتيال
عوامي سماچار آن لائن۔
![]() |
| دريا خان جهتيال |
حالتون خراب آهن، وقت اسانجي پاسي شايد ناهي، معاشرو موٽيويشن لفظ کي گُهٽا پيو ڏيئي، قدم قدم تي ڪَنڊا وڇايا ويا آهن، ڀلائي ۽ بهتري کان روڪيو پيو وڃي، پر جدوجهد اڳيان وٺيون پئي هلي، اهڙي جدوجهد جنهن سان حالتون بهتر ٿي سگهن ٿيون، وقت اسانجي چيچ پَڪڙي سُڌي رستي تي اسانکي هلائي سگهي ٿو، ڪنهن کي سوڀارو ڪرڻ لاءِ بہ اسين ان کي پاڻ ڏانهن مائل ڪرڻ جي سگهہ رکون ٿا، پيرن جي نرم تَريءَ کي تتي ۽ ٿَڌي سان ملائي تڪليفون برداشت ڪري سگهون ٿا، چار چڱائين جو ٻِج پوکي ان مان چار ڀلائين جو ميوو حاصل ڪري سگهون ٿا، اهڙي ذهني آٿت جدوجهد جو نالو آهي جيڪا مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئشن سنڌ وٽ آهي، مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن جو باني سجاد علي پنهور پنهنجي سَٿ سان تعليمي سيمينار ڪرايو، ڀاڳن ڀريو اهو ڏينهن 18 مئي 2021ع هيو جنهن تي ڦلجي اسٽيشن شهر جي نصيبن ۾ هڪ زبردست ”تعليمي سيمينار“ ٿيو، تمام گُھٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ آرگنائيزر جهانگير خان آرائين جي آرگنائيزنگ هيٺ ڦلجي اسٽيشن ۾ هي پهريون تعليمي سيمينار ٿيو جنهن جو اعزاز سماجي تنظيم مخدوم بلاول ويفيئر ايسوسيئشن حاصل ڪيو، مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن مختلف سماجي ڪردارن کي گڏ ڪري تعليمي سيمينار کي مانائتو بڻائڻ لاءِ هڪ مهيني کان لاڳيتو ڪيمپين هلائي، سيمينار ڪرائڻ جو مقصد اهو هيو تہ ٻهراڙي جا اسڪول ڪيئن شهري اسڪولن جي مد مقابل ٿين، ٻهراڙي جي اسڪولن جي شاگردن کي شهري شاگردن جي نساب ۽ ٻين تعليمي عمل ۾ ڪيئن شامل ڪجي، استاد، شاگرد کي ڪيئن دنيا جي ٻين ملڪن جي تعليم بابت ڄاڻ ڏيئي، والدين مستقبل جي معمار جي حيثيت کي ڪيئن بحال ڪن، سڄي ڳوٺ جا ماڻهو ٻارن لاءِ ڪيئن پڙهائي لاءِ اتساهہ پيدا ڪري، ويلفيئر پاران تعليمي سيمينار ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پرو وي سي پروفيسر سيد اظهر علي شاهہ، دادو پريس ڪلب جي صدر صابر ڀنڊ، استاد بخاري ڊگري ڪاليج جي پروفيسر علي نواز پنهور، تعليمدان شبانہ نواز پنهور، ڊي اي او دادو غلام حسين پنهور ۽ ٻين کي خاص مهمان جي حيثيت طور گهرايو ويو، تعليمي سيمينار ۾ سيشن پڻ هلايا ويا، جنهن ۾ سوالن جو سيشن بہ هيو، ان حوالي سان هڪ ڄاڻ ملي تہ ٻهراڙي جا اسڪول ان لاءِ بہ پوئتي آهن جو والدين پنهنجي ٻارن تي ڌيان نٿا ڏين، اها ڳالهہ بظاهر ڳڻتي جوڳي آهي، پر افسوس جوڳي بہ ڇو جو ٻهراڙي جي اسڪولن جي حالت ڪهڙي آهي اها سڀني کي خبر آهي، حڪومت وٽ تعليم کاتو تہ آهي پر ان مان ٻهراڙي شايد ”آئوٽ“ آهي جنهن ڪري ٻهراڙي جي اسڪولن مان استاد جي رٽائرڊ ٿيڻ بعد نئون استاد مقرر نٿو ٿئي، اسڪول کي تالو لڳي ٿو تہ کولڻ لاءِ کاتي جي ڪنهن سرڪاري آفيسر کي پريشاني ڪانهي، جيڪي اسڪول آهن تہ انهن ۾ سهولت ڪونهي، شاگردن سان پيش ايندڙ مسئلن جو حل حڪومت ۽ کاتي وٽ ڪونهي، سيمينار ۾ سيشن جي جوابن ۾ ڪافي ڳالهيون اهڙيون بہ ٻُڌيون جنهن سان لڳي پيو تہ ڄڻ پرائمري نظام کي ئي ”بريڪ“ لڳائڻ جي کا پلاننگ ٿيئي پئي، ان سلسلن کي وائکو ڪرڻ لاءِ سيمينار ۾ موڊيٽر طور مقر هالار ياسين سوالن پڇيا، سيمينار جا مقصد ڪجهہ هي بہ هئا تہ سرڪار پرائمري تعليم تي ڌيان ڏيئي ڇو جو ان جو سبب اهو آهي تہ ٻهراڙي يا ڪنهن بہ ضلعي خاص ڪري دادو جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻارن جي بنيادي مطلب ابتدائي تعليم بهتر ٿيئي، ان سان گڏ سرڪار جي ڀرپور سهڪار ۽ سرڪاري گڏجاڻيون آفيسن ۾ ڪرڻ بدران ڳوٺن يا شهرن ۾ ڪجن جن ۾ والدين کي خاص مدعو ڪيو وڃي، ڇو جو ان سان بہ پرائمري اسڪولن ۾ بهتري اچي سگهي ٿي، ان کان علاوه خانگي اسڪولن کي اين او سي ڏيڻ بجاءِ انهن جهڙو ئي نصاب سرڪاري اسڪولن ۾ شامل ڪيو وڃي، ڇو جو سرڪاري پرائمري اسڪولن جي تعليم مفت ۽ خانگي اسڪولن جي تعليم تمام گهڻي مهانگي آهي جنهن ۾ ٻهراڙي جي اسڪولن جا شاگرد شايد ئي ڪڏهن پهچي سگهن، مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ هن سمورن تعليمي ڏُکَن کي سيمينار ۾ سهيڙي سڀني اڳيان بيان ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي، ويلفيئر بهترين عمل ڪندي اها بہ روايت قائم رکي تہ جن جون بہ علمي، قلمي، ادبي، سماجي خدمتون آهن انهن کي ايوارڊن سان نوازي ٻين خدمتگارن ۾ اتساهہ پيدا ڪيو، دادو تعلقي جي شهر ڦلجي اسٽيشن ۾ هي پهريون تعليمي سيمينار هيو جنهن مان گهڻو ڪجهہ حاصل ٿيو، نتيجا تہ سرڪار کي ڏيڻا آهن سماجي تنظيمون صرف ڳالهہ رکي سگهن ٿيون، سيمينار جي صورت ۾، احتجاج صورت ۾، درخواستن جي صورت ۾ يا اسڪولن ۾ وڃي وڊيو رڪارڊنگ جي صورت ۾، مخدوم بلاول ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ جي تعليمي سيمينار جو خاص مقصد علم دوستن کي اتساهئڻ هيو جيڪو ڪامياب ٿيو، سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ مختلف سماجي تنظيمون پنهنجي ننڍين ۽ وڏين آبادين ۾ علم جي لاٽ ٻارڻ جي ڪوشش ڪن، نتيجا ضرور نڪرندا، خاموش رهڻ مطلب پنهنجي ذهن کي مارڻ آهي، ڦلجي اسٽيشن ۾ ٿيل تعليمي سيمينار مان سنڌ جون سماجي تنظيمون حاصل مقصد کي نظر ۾ رکندي ڪم شروع ڪن اها ئي سنڌ جي ڪاميابي آهي.

0 Comments