Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

سنڌ ۾ استادن جي کوٽ سبب استادن جون نيون ڀرتيون عارضي جي بجاء پڪي مقرري واري پاليسي تي ڪيون وڃن۔

 سنڌ ۾ استادن جي کوٽ سبب استادن جون نيون ڀرتيون عارضي جي بجاء پڪي مقرري واري پاليسي تي ڪيون وڃن۔ 


دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) 




دادو عوامي سماچار آن لائن۔۔پوري سنڌ جيان  دادو ۾ به پ ٽ الف جي مرڪزي قيادت غلام الرسول مھر؛ غازي خان جمالي ۽ گسٽا جي مرڪزي اڳواڻ حاجي محمد اشرف خاصخيلي جي سڏ تي دادو ۾ سوين پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن علامه آء آء قاضي لائبريري کان مختلف رستن کان ٿيندي پريس ڪلب دادو تائين سخت نعري بازي ڪندي مارچ ڪيو جنهن بعد مقررين ۾ پ ٽ الف جي ضلعي صدر امتياز علي لنڊ عنايت علي جمالي لياقت علي ڀٽي شاهنواز ڪوريجو اعجاز علي چانڊيو اعجاز منگي محمد خان ٻٻر منصور علي ڪلھوڙو امان الله هنڱورو جهنڊو خان ٻٻر وسيم کوکر صابر حسين ڏاوڇ الهبچايو ميمڻ محمد امين جمالي علي گوهر پنهور گسٽا جي وزير احمد پنھور سردار علي ٻوڪ محمد يامين ڪوريجو محمد حسين چنه نبي بخش سمون ساجد علي مستوئي ۽ ٻين چيو ته سنڌ اندر استادن جي مقررين بابت حڪومت سنجيدگي کان ڪم وٺي iqra.Su.Nts.iBA استادن جون ساليانه انڪريمينٽس ڪٽڻ وارو ليٽر واپس وٺي۔ PST کان JEST جي ٿيندڙ پروموشن ۾ %50 ڪوٽا سيڪنڊري جيان ڏني وڃي۔ سنڌ ۾ استادن جي کوٽ سبب استادن جون نيون ڀرتيون عارضي جي بجاء پڪي مقرري واري پاليسي جوڙي سنڌ جا سوين خالي پيل اسڪولن ۾ استاد مقرر ڪري تعليمي عمل کي روان دوان ڪيو وڃي

Post a Comment

0 Comments