بهتر حڪمت عملي سان مليل ٽارگيٽ کي آساني سان مڪمل ڪري سگهجي ٿو
ميرپورخاص۔عوامي سماچار آن لائن۔
رشيد ڪلھوڙو۔
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو پريم چند چيو آهي ته بهتر حڪمت عملي سان مليل ٽارگيٽ کي آساني سان مڪمل ڪري سگهجي ٿو اهڙن خيالن جو اظهار هن دربار هال ميرپورخاص ۾ واسطيدار کاتن جي عملدارن کي ڪورونا وائرس کان بچاءُ لاءِ ويڪسين ڪرڻ جي حوالي سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو هن چيو موبائل ٽيمون انهن علائقن ڏانهن موڪليون وينديون جن علائقن ۾ ويڪسينيشن سينٽر موجود نه آهن هن چيو ته انتظاميه پاران صحت کاتي پي پي ايڇ آئي ۽ آئي ايڇ ايس کي ٽن مهينن اندر ملي ٽارگيٽ وقت سان مڪمل ڪرڻ گهرجي ڏنل ٽارگيٽ کان گهٽ پراگريس ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي گڏجاڻي ۾ هن واسطيدار عملدرن کي هدايت ڪندي چيوته هو پنهنجي کاتي جي عملي کي ويڪسين ڪرائڻ جو پابند بڻائن ۽ رپورٽ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ جمع ڪرائي وڃي ويڪسين نه ڪرائڻ جي صورت ۾ حڪومت سنڌ پاران مليل هدايتن تي عملدرآمد ڪرايو ويندو هن چيوته ويڪسين ٿيندڙ هر ماڻهو جي عمر 18 سال کان مٿي هئڻ گهرجي ويڪسين ڪرائڻ بعد سرٽيفڪيٽ ضرور حاصل ڪيو وڃي جيڪو ڪنهن به ضرورت وقت ڪم اچي سگهي ٿو هن واسطيدار کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيوته ويڪسين جي عمل کي بهتر نموني سان سرانجام ڏيڻ لاءِ واسطيدار کاتن جي عملدارن کي گاڏيون انتظاميه وٽ جمع ڪرائڻ گهرجن گڏ جاڻي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شجاع آباد سليم شيخ اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورخاص غلام حسين ڪانهيون اسسٽنٽ ڪمشنر حسين بخش مري محمد خان کٽي اسسسٽنٽ ڪمشنر ڊگري جهامن داس اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽ غلام محمد ثناالله صدر اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي آصف خاصخيلي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر سترام داس ڊپٽي ڊي اي او جيون منشا ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غوث محمد پٺان ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز منظر حسين ڊسٽرڪٽ مينيجر آئي ايڇ ايس ڊاڪٽر علي محمد مهر، ڊي ايم پي پي ايڇ آئي هدايت الله ميمڻ سميت ٻيا واسطيدار عملدرا موجو دهئا.

0 Comments