Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

سنڌ جا وسيلا  ڌرتي ڌڻين جو رد عمل ۽ رياستي حڪمت عملي

 سنڌ جا وسيلا  ڌرتي ڌڻين جو رد عمل ۽ رياستي حڪمت عملي!!!


 ________________________________




محمد اسماعيل لانگاھ 


_________________________________


سنڌ جي حڪمرانن پئسي جي لالچ خاطر سنڌ ڌرتي ۽ انجي وسيلن کي هن کي وقت ڌارين جي قبضي ۾ ڏيڻ لاء وڏي گهري منصوبابندي جوڙي  ورتي آهي ڪڏھن اها منصوبابندي سنڌ جي قدرتي وسيلن تي ته, ڪڏھن اها سنڌ جي پاڻي تي, ڪڏھن اها سنڌ جي زمينن تي, ڪڏھن اها ڏنگي ڀنڊار, ٻيٽن تي , ته ڪڏھن اها بحريا ٽائون جي روپ ۾ ته, ڪڏھن اها سنڌ جي تفريحي ماڳن تي آخر سنڌ سان دشمني جي اڻٿڪ ڪوششن جو انت به ايندو يا ان کي برما بنگال ۽ فلسطين بڻايو ويندو, سو سنڌ ڌرتي سان به اهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن سنڌ ڌرتي جنهن تي عرب حمڪرانن کان وٺي  ڪيتريون ئي ڪاهون ,لوڌون, ڪاهي حڪمران قابض ٿيندا رهيا پر اهي ته عارضي طور هليا ويا ۽ ھن وقت مستقل طور سنڌ کي کپائڻ ۽ وڪڻڻ وارا ڪي ٻيا نه پر سنڌ جا پنهنجا سپوت ۽ همدردي جون دعوائون ڪندڙ ظاهر ٿي رهيا آهن جنهن دولت جي لالچ ۾ سنڌ ڌرتي جنهن کي امڙ جي نالي سان سڏيندا به وتن ٿا ته , انجي ڪُک ۾  ڪان هڻڻ جون ڪوششون تيز ڪندا رهيا آهن, صديون پهرين سنڌ تي ٿيل ڪاهن ۽ قبضا ڪندڙن خلاف سنڌ جي جوڌن تحريڪون جوڙي انهن سان جنگيون به جوٽيون جانين جا نذرانا شهادتون ڏنيون, پر پنهنجي جيجل سنڌ کي ڪنهن ڌارين جي ٻاريل باه جي سيڪ  تي هٿ به سيڪڻ نه ڏنا, هميشه قربانيون ڏئي جيجل ماءُ کي بچايو, جڏھن آزادي جي جنگ کان پوء هندستان کان لڏي آيل مهاجرن کي سنڌ ۾ مهمان طور رهايو ويو ته انهن ماڻھن به پنهنجا پير کوڙڻ کانپوء سنڌ جي عوام جي مهمان نوازي ۽ نمڪ حلالي کي نمڪ حرامي ۾ تبديل ڪري سنڌ کي الڳ ڪرڻ ۽ پنهنجي لاء الڳ مهاجرستان صوبو بنائڻ جون ڪيتريون ئي ڪاوشون ڪيون ويون جيڪي اڃا به جاري ساري اٿن, جنهن ۾ سنڌ جي عوام جي ڀرپور مزاحمت طعنن ۽ مهڻن مهاجرن کي بيانن تان واپس ورڻو پيو, سن اسي واري ڏهاڪي ۾ ڪُجھ دشمن رياستي عنصرن سنڌ ۾  سنڌين ۽ مهاجرن جو قتل عام ڪرايو, بم ڌماڪن وسيلي سنڌ جي ماڻھن کي ايترو ته خوفزده ڪيو ويو جو هو پنهنجي صوبي ۽ سرزمين تي پاڻ کي ڄڻ ننڌڻڪا ۽ ڌاريا سمجڻ لڳا جڏھن ته هن وقت سنڌ جي وسيلن ۽ زمين تي قبضا ڪري ڌارين کي ڌرتي  وڪڻندڙ ڪي ٻيا نه پر پنهنجا ئي آهن ۽ جڏھن ڪُجھ وقت پهرين ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ٿي ته سنڌ جي حڪمران جماعت جي وچٿري بيان مان محسوس ڪيو ويو ته حڪمران جماعت جي ڳٺ جوڙ سان ئي هي منصوبابندي رٿي وئي آهي ان کانپوء عوامي واويلا بعد خود سنڌ سرڪار رلائي ملائي بيان جاري ڪري معاملي کي ٿڌو ڪري ڇڏيو


وري جڏھن ڪشميرين جي لوڌ کي بدين ضلعي جي قدرتي وسيلن سان مالا مال ڌرتي تي رهائڻ لاء هزارين ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت زبردستي ضلعي انتظاميه کان لکرائي ان معاملي کي به في الحال راز ۾ رکرائي ڇڏيو, انهن علائقن جا رهواسي پهرين ئي دربدر آهن جتي هو سهولتن لاء  سڪي رهيا آهن ڀلا اتي ڪشميرين کي رهائڻ جا مقصد ڪهڙا, يعني ته انهن کي ويڳاڻو ڪري غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪجي جيئن هو سموري زندگي تڪ جي سياسي ماڻھن جي غلامي ۾ گذارين ڏسجي ته سنڌ ۾ حساس ۽ پيچيده معاملا کڙا ڪري عوام کي پنهنجي حقن گهرڻ کان  محروم ڪيو ويندو رهيو آهي ڏنگي ڀنڊار ٻيٽ معاملو هجي يا ٿر جي زمين ڪشميرين کي ڏيڻ, يا بحريا ٽائون معاملو هجي يا گورک هل اسٽيشن آخر اهڙن حساس معاملن کي اٿارڻ ۽ ان پويان سخت گير احتجاجي مرحلا شروع ڪرڻ جو مقصد صرف سنڌ جي عوام کي بي وقوف بڻائڻ کانسواء ٻيوڪُجھ به ناهي سنڌ واسي اهو سوچين ته هزارين ماڻھن ڪڍي ڌرڻا هڻڻ جو فائدو ڀلا ڪنهن غريب کي پهتو آهي ان ڌرڻي سان ڪنهن غريب کي ڪنهن دڪاندار يا منافعي خور وٽان ڪا کائڻ پيئڻ جي شيء سستي ملي آهي, انهن لانگ مارچن مان ڪنهن ملڪ جي غريب پورهيت مفلسي ۾ زندگي گهاريندڙ ماڻھن جي انگ اگهاڙن ٻچڙن کي ڪو ڪپڙو ٽُڪر يا گهر جي در تي ماني ڳڀو مليو, يا پيئڻ جي پاڻي جون سهولتون ميسر ٿيون تعليم کي بهتر ڪيو ويو, روڊ رستا سفر لائق ٺهي ويا, بيروزگارن کي گهرن هلائڻ جهڙو بهتر  روزگار مليو, وسيلن تان قبضا هٽجي ويا فقط انهن لانگن مارچن ۽ ڌرڻن جو فائدو ۽ نقصان رياستي ادارن ۾ انهن سان جُڙيل عوامي نمائندن کي پهتو, سنڌ جي ماڻھن کي قدرتي وسيلن جو رائلٽيون انهن ڌرڻن ۽ لانگ مارچن مان جيڪڏھن منافعو مليو ته رياستي مشينري ۽ لانگ مارچن ۾ ماڻھون ڪڍندڙ سياسي قائدين ۽ اڳواڻن کي جن پٺيان ويندڙ ماڻھن پنهنجا خون وهايا ننگن جون عزتون داءُ تي لڳرايون ھيئنر به بحريا ٽائون معاملي تي رياستي مشينري وڏي گيم کيڏي رهي آهي بحريا ٽائون پروجيڪٽ ڪو نئون منصوبو ناهي پر ان جا حڪومت سان  پندرنهن سال کان ٿيل پراڻا  معاهدا شايد طعي هاڻي ٿي چُڪا جنهن تي باقائدي پيروي ڪندي سنڌي ڳوٺن کي مسمار ڪري ڪم کي اڳتي کڻي وڃي رهيا آهن بحريا ٽائون پروجيڪٽ تي هن وقت وڏو مانڌاڻ سنڌ ڌرتي جي رهواسين اچي مچايو آهي ته هن منصوبي سان ڪيتريون ئي سنڌي وسنديون غير قانوني طور مسمار ڪيون وڃن پيون, جنهن تي سنڌ جي قومپرست تنظيمن بحريا ٽائون خلاف اعلان جنگ ڪندي ڌرڻو هنيو ۽ ان ڌرڻي جي نتيجي جو ثمر ڪنهن کي ملندو عوام کي, سنڌي ڳوٺن جي متاثرن کي ,يا قومپرست قيادت کي, يا رياستي ادارن کي سوچڻ جي ضرورت آهي ته آخر ايتري خلق گڏ ڪري ڌرڻو هڻي سگهجي ٿو, ته پوء هرهڪ غيرت مند سنڌي هڪ هڪ رپيو گڏ ڪري پنهنجو حق وڙھڻ لاء عالمي عدالتن جا دروازا به کڙڪائي سگهن ٿا سنڌ جيڪڏھن هن ملڪ جون عدالتون رياستي ادارن جي تابع بڻيل آهن ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ماڻھن مٿان هميشه جبر ڏاڍ مسلط ذريعي فيصلا مڙهيا ويندا رهيا آهن جنهن ۾ سڀ کان گهڻو نقصان سنڌ جي مظلوم ماڻھن کي پلئه پيو هن وقت جيڪڏھن بحريا ٽائون تي ڪا ڳجهي انڊر اسٽينڊنگ ٿي ته اها فائدو صرف سنڌ جي قومپرست قيادت کي ڏيندي نه بلڪ ڌرڻي ڌڻين کي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي گڏ ٿيل سنڌ جي عوام هڪ طرف سنڌ دشمنن جون اکيون کوليون ته ٻئي طرف رياستي ادارن طرفان بحريا ٽائون تي پهچڻ کانپوء ڌرڻي کي ناڪام بڻائڻ لاء مک گيٽ کي جيڪا باه لڳائي ڌرڻي جي قائدين کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي اها ٻاريل باه بحريا ٽائون انتظاميه جي منصوبه بندي هئي ان ۾ سنڌ جو ڪو به ڪارڪن ملوث ناهي, پر اڪثر ڪري ڏٺو وڃي ته اسانجي ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ جڏھن اهڙا واقعا رونما ٿيندا آهن ته ان کان پنهنجي ئي قيادت لاتعلقي ڏيکاريندي آهي سو مقصدجي ڳالھ اها آهي ته جيڪڏھن موجوده قومپرست قيادت جي ڌرڻي سان بحريا ٽائون سنڌي وسنديون ڊاهڻ بند ڪري کين ٻيا مطالبا مڃي ورتا ته ايئن سمجهبو ته ڌرڻوڪامياب ويو جيڪڏھن ڌرڻي کانپوء بحريا ٽائون انتظاميه والار ۾ اڃا به تيزي آندي ته سڀني کي سمجهي وڃڻ گهرجي ته هي ڌرڻو هڪ سازش ئي هو, جنهن جو نقصان اڳتي هلي انهن قديم ڳوٺن جي عوام کي پهچندو 

Post a Comment

0 Comments