Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

سياسي رنجشن ۽ ذاتي مُفادن سان ”ڇُڙواڳي“ جو جنم۔

 سياسي رنجشن ۽ ذاتي مُفادن سان ”ڇُڙواڳي“ جو جنم۔



درياءُ خان جهتيال

عوامي سماچار آن لائن۔


سماج ٻين جي چَوَڻ تي ٿاٻڙجي رهيو آهي، وقت سان گڏ هلڻ بدران ماڻهو ٻين جي ڪُلهي تي هٿ رکي اکيُن هوندي بہ پاڻ کي اَنڌو ڪري ڇڏيو آهي، اهي ڀَٽڪيل ماڻهو ڪاميابيءَ جو ڪوبہ دَڳ نٿا حاصل ڪري سگهن ڇو جو هُو آهن ئي ڪنهن ٻيئي جي ڪُلهي تي تہ پنهنجي منزل يا دَڳ تي ڪيئن پهچي سگهندا؟ انهن کي جنهن رستي سان وٺي وڃبو اوڏانهن ئي هلندا رهندا، مثال ڏيڻ جو مقصد تہ جيڪي ماڻهو سياسي ۽ نظرياتي سوچ کان پَري هوندا آهن ۽ انهن کي ”يس مين“ ٿيڻ تي فخر هوندو آهي تہ پوءِ اهي هميىشہ ٽشو پيپر وانگر استعمال ٿيندا آهن، کين پنهنجي قد ۽ ماڻهپي جي خبر ناهي هوندي، هتي بہ اهو ئي سلسلو هلي آهي، سياسي ماڻهو نظرياتي طور سوچ کي وسيع ڪرڻ ۽ نظريي کي عام ڪرڻ بجاءِ پنهنجا ماڻهو ”مُقرر“ ڪري ڇڏيا آهن جيڪي ڪابہ سڃاڻپ ڪرڻ بدران يس مين ٿي غلامي کي ڀاڪُر پائڻ تي فخر ڪن ٿا ۽ سياسي ماڻهن جي پنهنجي ڏَند چڪ سبب اهي مُقرر ماڻهو هڪ ٻيئي جي ڄُنڊا پَٽ ڪري رهيا آهن، هي ٿورو ٿورو ذڪر دادو ضلعي سان ملائڻ لاءِ ڪيم، دادو ۾ ”جمهوري“ حڪومت سان سلهاڙيل صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ٻِن نمائندن ۾ ”مان ۽ اَنا“ جي جَنگ شروع ٿي وئي آهي، ٻئي نمائندا عوامي حاصلات ۽ حقن کان هَٽي ”عهدو“ ڏيڻ ۽ نہ ملڻ تان هڪ ٻيئي کي غير سياسي ٻولي تان هڪ ٻيئي کص ذاتي طور تي ٽارگيٽ ڪري ۽ مُقررن کان ڪرائي رهيا آهن، هوئن تہ پير مظهر ۽ رفيق جمالي ۾ اختلاف رهيا آهن پر 2013ع ۽ 2018ع جي عام چونڊن جي آخري ڏينهن ۾ ٻنهي گڏجي ورڪ ڪئي، مڪاني چونڊن ۾ اندروني طور تي هڪ ٻيئي جي مخالفت ڪين ۽ وري آخري ڏينهن ۾ گڏجي ورڪ ڪئي، مطلب تہ عوام کي بيوقوف بہ ٺاهيو ويو ۽ مِٺي ماني بہ کارائي وئي، پر هاڻي دادو ضلعي ۾ ۾ تعلقي دادو جي پ پ پ صدر جي مقرري کانپوءِ ماحول عوام دوست نہ پَر عوام دُشمن ٿي ويو آهي، اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر پير مظهر الحق، سندس پُٽ ايم پي اي پير مجيب الحق، پ پ پ ضلعي صدر اين اي رفيق احمد جمالي سان تعلقي صدر ايم عمر پنهور کي هٽائي پ پ پ جي اڳوڻي مخالف شمس الدين بابن پنهور کي تعلقي صدر مقرر ڪرڻ تان ماحول خراب ٿي ويو آهي ۽ سڄي ضلعي ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ، سوشل ميڊيا ۽ بيٺڪ ۾ بحث شروع ٿي ويا آهن، جنهن ۾ سوشل ميڊيا تي انتهائي ڇڙواڳي، غلط لفظن جو استعمال، هڪ ٻيئي جا احسان جتائڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ گهڻو ڪِريل ڪردار ”مُقررن“ جو آهي، جيڪي اخلاق کان ڪريل ٻولي جو استعمال ڪري رهيا آهن، پير مظهر کي ان ڳالهہ تي اعتراض آهي تہ جيڪي پارٽي جا پراڻا ڪارڪن آهن انهن جي حق تي ڌاڙو رفيق جمالي هڻي رهيو آهي، پير مجيب بہ ساڳي ڳالهہ ورجائي تہ جن عام چونڊن ۾ ”بالٽي“ نشان تان ”تير“ جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انهيءَ کي دادو تعلقي جو صدر بڻائڻ مطلب پُراڻن ڪارڪنن سان ناجائزي آهي، پر ان حوالي سان رفيق جمالي ان معاملي جو جواب ميڊيا کي ڏيڻ بجاءِ پير مظهر ۽ پير مجيب خلاف ڪاروائي ڪرائڻ لاءِ پارٽي جي مرڪزي قيادت سان رابطي جو سوچيو آهي، هٽايل تعلقي صدر ايم عمر پنهور پاران پارٽي ورڪرن سان گڏ دادو شهر ۾ اهڙي فيصلي خلاف ڌَرڻو هڻي ضلعي قيادت خلاف دانهيو ۽ مرڪزي قيادت کي نوٽيس وٺَڻ جي اپيل ڪئي، ان جو جواب تہ کيس اڃا نہ مليو آهي پر وري ضلعي صدر سندس مٿان تَپي باهہ ٿي ويو آهي ۽ پارٽي ميمبرشپ معطل ڪرائڻ لاءِ مرڪزي قيادت سان رابطي ۾ آهي، تازو سيتا روڊ جي اڳوڻي ٽائون چيئرمين قمبر لغاري بہ ان ئي مسئلي تص وڊيو بيان ۾ پير مظهر تي ذاتي تنقيد ڪئي ۽ انتهائي ڪريل لفظ ڳالهايا جن لفظن سياسيت ۽ نظريي سميت قمبر لغاري جي اخلاق کي ئي دفن ڪري ڇڏيو، تازو تعلقي صدر ٿيل شمس الدين پنهور پهريان مرڪزي طور تي نوٽيفڪيشن نہ نڪرڻ باوجود ضلعي صدر جي هوڏ تي تعلقي صدر لکيو ۽ چيو پئي ويو تڏهن ايم عمر پنهور بہ تعلقي صدر سڏيو پئي ويو ۽ سڏرائي رهيو هيو ان وقت کان ئي ايم عمر پنهور جا رفيق جمالي سان اختلاف وڌيا ۽ ھُو رفيق جمالي سان گڏ هلڻ، بيهڻ بجاءِ پير مجيب سان گڏ سياسي سرگرميون ڪرڻ لڳو، پر پنج ڏينهن اڳ پ پ پ سنڌ جي صدر نثڍار کهڙو پاران شمس الدين پنهور جي 



تعلقي صدر جي مقرري جو نوٽيفڪيشن نڪتو تہ سڄي ضلعي ۾ ٻنهي ڌُرين اخلاق جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، سوشل ميڊيا تي غير سياسي، غير مهذب ۽ غير اخلاقي ٻولي جا پهاڙ ٺاهي ڇڏيا، ان ۾ ٻئي ڌريون اخبارن ۽ ٽي وي چينلس تي بہ پهچي ويون، هڪ ٻيئي کي ذاتي ٽارگيٽ ڪرائڻ لاءِ ”بداخلاقن جي فورس“ کي ڊيوٽي تي لڳائي ڇڏيو آهي، جنهن جو نقصان سڄي ضلعي کي ٿي رهيو آهي، عوام نمائندا عهدن تي پنهنجو ماڻهو مقرر ڪرائڻ لاءِ انتهائي حد درجي جي خراب ٻولي استعمال ڪرائڻ لاءِ مُقررن کي ڪم سان لڳائي ڇڏيو آهي، تازو ئي بجيٽ اچڻ بعد دادو ضلعي ۾ صرف دادو جي تعلقي صدارت تان سياسي ڄُنڊا پَٽ شروع ٿي وئي آهي ان ۾ عوامي مسئلا، احتجاج، دانهون ئي ڄَڻ لتاڙجي ويا آهن، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نہ پهچي سگهندڙ سوشل ميڊيا جو سهارو وٺي پنهنجي دانهن پهچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن پر مقامي طور تي هن وقت اتي سواءِ سياسي ڄُنڊا پَٽ جي ڪجهہ بہ ناهي، نوجوان پنهنجي جي قبولي ۽ اڳئين جي ناڪامي لاءِ اشارن تي هلي رهيا آهن، عام عوام ان جاءِ تي بيٺل آهي تہ اسانجو ووٽ ڪاڏي ويو؟ اسان نٽهڻ اُسن، گرميءَ ۾ جيڪو فرض پورو ڪيو ان جو اُجورو ڪير ڏيندو؟ دادو ضلعي ۾ سياسي رنجشن ۽ ذاتي مُفادن سان ”ڇُڙواڳي“ جو جنم ٿي ويو آهي، جمهوريت وارا انا جي جنگ ۾ عوام جي حقن جي جنگ وساري ويٺا آهن، عهدو حاصل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ لاءِ هڪ ٻيئي تي چَٿرون ڪري رهيا آهن، اها سڀ معاملا تازو بجيٽ اچڻ بعد عوام کي نقصان ڏئي رهيا آهن، پ پ پ جي مرڪزي قيادت پنهنجن جمهوري نمائندن جي انا جي جنگ جو نوٽيس وَٺي عام ماڻهن جا مسئلا حل ڪري ۽ سڀني جي زندگي معمول تي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.

Post a Comment

0 Comments