Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

ڪاڇي جي ٻن وڏن منصوبن گاج ڊيم ۽ گاج بند نه ٺھڻ جا سبب

 ڪاڇي جي ٻن وڏن منصوبن گاج ڊيم ۽ گاج بند نه ٺھڻ جا سبب !!!


___________________________


محمد اسماعيل لانگاھ 



____________________________


ڪاڇي جي قسمت ۾ صرف  بدقسمتي تباهي ۽ بربادي لکيل آهي هتان جي ماڻھن سان سياسي ۽ عوامي نمائندن هميشه جانورن وارو سلوڪ رکيو آهي ڪاڇي جي ترقي جي نالي تي ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري پٿر واري دور جي زندگي گذارڻ تي ڪاڇي واسين کي مجبور ڪيو ويو آهي ڪاڇو دادو ضلعي جو هڪ وسيع بياباني, باراني جابلو  علائقن تي مشتمل هڪ ڏتڙيل علائقو آهي۽ هتان جي رهواسين جي پيٽ گذر جو وڏو زريعو زراعت ۽ پوکي آهي جيڪو صرف سانوڻي جي برساتن تي ٿئي ٿو قدرتي طرح ڪڏھن ڪڏھن ته اهڙيون ڏُڪاري حالتون پيدا ٿين ٿيون جو هتان جا ماڻھون مجبور ٿي سنڌ جي بئراجي علائقن ڏانهن هليا وڃن ٿا بحرحال ڪاڇو هن  اهڙي ڪيفيت مان گذري ٿو جتي نه هاڻ انصاف رهيو آهي نه عدالت, نه قانون, نه رحم نه قياس هن ڪاڇي جي ڌرتي کي اسان جي واڳ ڌڻين ڍونڍ جيان رڳڙيو ۽ کاڌو آهي جتي جي ترقي جا ڪروڙين رپيا کائي چٽ ڪيا ويا پر ترقي جون وڏيون وڏيون دعوائون ڪري ڪاڇي جي اٻوجھ ماڻھن بيوقوف ڪيو ويندو رهيو آهي


ذڪر ڪجي ٿو ڪاڇي جي ٻن وڏن منصوبن گاج ڊيم ۽ گاج بند جو جيڪي وفاق ۽ سنڌ جي حڪمرانن جي ڪرپشن,سبب مڪمل ته نه ڪيا ويتر انهن تي ٿيل معمولي ۽ ناقص ڪمن سبب ڪاڇي ۾ وڏي تباهي آندي گذريل پندرنهن ويھ ورهين کان وٺي هن وقت تائين جي اسانجي حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ غير سنجيده روين گاج ڊيم ۽ گاج بند جي نه ٺھڻ ڪري جيڪي ڪاڇي ۾ تاريخي تباهيون آنديون آهن اُهي ورلڊ ريڪارڊ ۾ لکجي سگهجن ٿيون ته اسان جي حڪمرانن ۽ واڳ ڌڻين ڪاڇي واسين سان ڪهڙا ڪلور ڪيا آهن ۽ ترقياتي ڪمن جا ڪروڙين رپيا ڪرپشن ۾ چٽ ڪيا ويا انهن ۾ گاج ڊيم ۽ گاج بند سرفهرست آهن 


(1)  گاج ڊيم منصوبو  سنڌ ۽ خاص طور ڪاڇي ۾ خوشحالي, پاڻي ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاء هڪ وڏي ڪارآمد منصوبي طور سنگ بنياد رکيو ويو, سن 2012ع ۾ 32 ارب رپين جي لاڳت سان گاج ڊيم منصوبي جو سنگ بنياد رکي سنڌ جي سڀ کان وڏي ڪرپٽ ڪمپني ڊي بلوچ کي ٺيڪو ڏئي ڊيم جو ڪم پنجن ورهين ۾ مڪمل ڪرڻ جو ٽائم ٽيبل رکيو ويو, ۽ گاج ڊيم عملي لاء انتهائي عاليشان ٽينٽ سٽي رهائش لاء ٺاهيو ويو جتي هر روم ۾ اعلي معيار جون ايئرڪنڊيشن نصب ڪيون ويون, باقائده ڪم جي آغاز کانپوء مشينري به آندي  ۽ گاج ڊيم جو ڪم بغير ڪنهن رٿا بندي ۽ عالمي  ماهرين ۽ انجنيئرن جي صلاح مصلحت بعد شروع ڪيو ويو ته علائقي جي هزارين عوام پهرين به خدشا ڪيا ته هي گاج ڊيم منصوبو ڪاڇي جي عوام لاء خوشحالي نه پر تباهي آڻيندو, ۽ تباهي جا ڪارڻ ڪهڙا هوندا پهرين ته ڪرپش انهي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ڏيندي ڪان ۽ ٻي ڳالھ ته اسانجي ملڪ ۾ سياسي مداخلت ۽ پنهنجا نوازي تحت اهڙي عالمي ليول جا منصوبا پنهنجي ملڪ جي ڪرپٽ ڪمپنين کي ڏنا وڃن ٿا سو گاج ڊيم جي تعمير ۾ به اهي ٻئي ڪم ڪيا هڪ ته ٺيڪو سياسي بنيادن تي ڏنو ويو جنهن وٽ نه ايتري مهارت هئي نه هو ايتري ايماندار هئي بحرحال ڪم شروع ٿيڻ کانپوء نئين گاج جي پاڻي واري لنگھن کي بند ڪرڻ جي پهرين غلطي ڪئي وئي, ٻي طرف ڪم ڪندڙ ڪمپني ڊي بلوچ وٽ ايتري مشينري نه هئي جيڪا گاج ڊيم منصوبي کي پنجن ورهين ۾ مڪمل ڪري ها جڏھن هنن گاج ندي جي عاليشان ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبلن کي ڊاهڻ ڪٽڻ ۽ صرف نقشو تيار ڪرڻ  ۾ ئي پنج سال لڳي ويا ڊيم جو مڪمل ڪم ته رهي ڳالھ بعد جي گاج ڊيم ٺهڻ بابت ڪافي بهتري جون ڳالهون ڪاڇي جي عوام کي ٻُڌايون ويون ته ڊيم ٺھڻ سان علائقي جي تقريبن 90 هزار ايڪڙ زمين سيراب ٿيندي ۽ گاج ڊيم 4.50 وولٽ بجلي پيدا پڻ ٿيندي , ھر سال برساتن دوران چار لک ڪيوسڪ  کان وڌيڪ ضايع ٿيندڙ پاڻي جمع ٿي سگهندو انکان علاوه ڊيم مان ٽي وڏا ڪئنال نصير ڪئنال, منڇر ڪئنال, پٽ گل محمد ڪئنال نڪرندا جنهن مان ننڍا ننڍا ڊسٽري بيوٽر ڪڍي پوري ڪاڇي ۾ خوشحال آندي ويندي, ڊيم جو جڏھن ڪم شروع ڪيو ويو ته شروع ۾ ئي هڪ ڪئنال نصير ڪئنال ته ڪڍيو ويو جيڪو يوسي پٽ گل محمد جي حدن ويجهو اڻپورو ٺاهي ان مان هٿ ڪڍيو ويو جيڪو هن مهل مڪمل طرح ٽُٽي ويو آهي واري لٽ سبب سڄو ڪئنال هنڌا هنڌان پوريل آهي لکين رپيا خرچ ٿيل ان ڪئنال تي به اجايو ضايع ٿي ويا هن وقت ان ڪئنال ۾ استعمال ٿيل مٽيريل لوه, سرون علائقي واسين پاران  ڪڍي کين ويتر بربادي طرف ڌڪيو ويو آهي باقي جيڪي ٻه ڪئنال ٺھڻا هئا انهن ۾ منڇر ڪئنال اهم جيڪو پهرين ئي نئين گاج مان نڪتل نئين (سول )جي صورت ۾ يوسي ڊرگھ بالا کان ٿيندي يوسي ساوڙو, يوسي واهي پانڌي, ڇني کان ايشيا جي وڏي ڍنڍ منڇر ۾ ڇوڙ وڃي ڪري ٿي, ان بابت گاج ڊيم انتظاميه  هڪ لائحه عمل تيار ڪيو ته ڪئنال کوٽڻ بجاء هڪ وڏي پائيپ لائين ذريعي پاڻي وهايو ويندو پر اها به منصوبا بندي گاج ڊيم نه ٺھڻ ڪري طئي نه ٿي سگهي آخرڪار گاج ڊيم ڪم جي رولڙي جي معائني لاء تڏھوڪي پاڻي بجلي واري وفاقي وزير عابد شير علي, واپڊا چيئرمين سميت وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي ذميوار اعلي اختيارين دورا ڪيا, سپريم ڪورٽ جي سابق چيف جسٽس جي سخت هدايتن باوجود ڊيم جي ڪم ۾ ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي وئي گاج ڊيم نه ٺھڻ جا اصل ڪارڻ ڪرپشن پاڻي جي خطرناڪ وهڪرن کي مڪمل طرح روڪڻ لاء ڪا جامع منصوبابندي نه هئڻ ئي سبب ٻُڌايا پيا وڃن گاج ڊيم ۾ گاج ندي جا وهڪرا سمنڊ جي صورت ۾ اچي انهي جڳھ وٽان گذرن ٿا جتي گاج ڊيم جي مين پوائنٽ رکي وئي جنهن جو سانوڻي جي برساتي ڪيترو ئي حصو لوڙهي ڇڏيو آهي ذڪر ان ڳالھ جو آهي ته آخر ڊيم نه ٺھڻ جا سبب ڪهڙا آهن, ذريعن مطابق ڊيم جي مشينري لاء ايندڙ  هزارين ليٽر تيل کڻي ايندڙ ٽئنڪرن کي رستن ۾ يرغمال بڻائي چوري ڪرايو ويو,ڪٻاڙي جو لوھ ٽائر,شيٽون راڊون لوه سيمينٽ به چورايو ويو, گاج ڊيم عملي جي ملي ڀڳت اضافي اسٽاف جي مد ۾ لکين رپيا ڪرپشن ڪئي وئي علائقي جي بااثر زميندارن کي تيل پهچايو پئي ويو, ڊيم ۾ ڪرپشن تي قومپرست جماعتن علائقي واسين سان گڏجي گاج ڊيم مين پوائنٽ وٽ ڌرڻا هنيا پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو  نيٺ نتيجي ۾ گاج ڊيم تي خرچ ٿيل اڌ ارب جي رقم لڳائڻ باوجود ڪاڇي ۾ خوشحالي آڻيندڙ هن منصوبي کي اسانجي حڪمرانن هٿ سان تباهي طرف ڌڪي ڇڏيو جيڪو علائقي واسين لاء هر سال مون سون برساتن سبب وڏيون تباهيون آڻيندو رهيو آهي


(2) گاج بند جو نه ٺھڻ:


گاج بند به گاج ڊيم سان منسلڪ  ڪاڇي جو هڪ ميگا منصوبو آهي هي منصوبو پاڪستان جي آزادي کان اڳ جو آهي وڏڙا چوندا آهن 1947ع ۾ گاج نئين ۾ جڏھن  پهرين ٻوڏ آئي ته هڪ هفتو مسلسل طوفاني برساتن سبب نئين گاج ۽ نئين سول ۾ جيڪو پاڻي آيو ان پوري ڪاڇي کي ٻوڙيو, مٿان برسات هيٺان پاڻي ماڻھون قيامت جي گهڙين مان گذريا ۽ ان ٻوڏ کي وڏڙن جي بقول( ستن کبڙن) واري ٻوڏ جو نالو ڏنو ويو, گاج جي پاڻي کان بچائڻ لاء آزادي کان ئي پهرين انگريز سرڪار نئين گاج جي خوفناڪ ٻوڏن کان بچائڻ لاء گاج بند ۽ تير ڀت منصوبي جي منظوري ڏئي ان وقت جي آبپاشي ماهر ٺيڪيدار رام چنداڻي کي گاج بند جي مرمتي ڪم جون خدمتون حوالي ڪيون پوء ان وڏي ايمانداري لگن سان گاج بنگلن کان مير الهيار ٽالپر قبرستان تائين انتهائي معياري نموني,  رٿابندي سان ٺاهيو ويو ان کانپوء سن 2005ع دوران  نئين گاج جي خطرناڪ وهڪرن بند کي ڀڃي ڀورا ڀوار ڪيو جيڪو سنڌ۽ وفاقي حڪمرانن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب اڄ تائين هي بند مڪمل ڪرڻ سرڪار سڳوري لاء چئلينج بڻيل آهي, بند نه ٺھڻ ڪري هر ٽئين چوٿين سال علائقي ۾ جيڪا تباهي اچي ٿي ان تباهي کانپوء سرڪار سروي ڪرائي ڪروڙن جو ڪاٿو لڳائي ٿي, ۽ آفت زده قرار به ڏئي ٿي پر افسوس جي ڳالھ اها آهي ته هو هڪ دفعو گاج بند کي سنجيده نموني سان مرمت نٿي ڪرائي ۽ انهي سبب ڪري ته هر سال هن بند جا ڪروڙين سرڪار سڳوري پنهنجن ڪامورن کي نوازيندي رهندي جيڪڏھن اسان جا حڪمران عوام جي پئسن ۽ اهڙن موتمار رٿائن کي رولڙن ۾ وجهي پنهنجو عياشيون ڪندا ته پوء بهتر حڪمراني جون دعوان ڪري عوام تي اهڙيون ٺٺوليون فوري طور بند ٿيڻ گهرجن, هن وقت به گاج بند گذريل سال آيل ٻوڏن کان پوء مڪمل طرح ٽُٽل آهي ۽ پاڻي جو سڌو رُخ ايف پي بند جوهي تي آهي ڪاڇو ته هونئن ئي ٻُڏندو پر جوهي کي بچائڻ جو حڪمرانن کي ڪوبه موقعو نه ملندو حڪمرانن لاء اهو ئي مشورو آهي ته عوام جي تباهين تي پنهنجا پيٽ پالڻ ڇڏي ڪري ڪُجھ خلق خُدا جي خدمت ڪري ڪاڇي جي ٻنهي منصوبن گاج ڊيم ۽ گاج بند کي غير ملڪي ڪمپنين جي ماهرين معرفت مڪمل ڪرائي پنهنجو فرض به نڀايو ڪاڇي واسين جون قيمتي جانيون به بي موت مرڻ کان بچايون وڃن   


  

Post a Comment

0 Comments