Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

ڪهاڻين جي ڪتاب سونهري پيتي جو تنقيدي جائزو

 ڪهاڻين جي ڪتاب ”سونهري پيتي“ جو تنقيدي جائزو

رياض ڪلهوڙو



سمجھ، پُرجھ، پروڙ، علم، عقل ۽ ڏاهپ، ان حقيقي مالڪ جي مهرباني، جنهن بنا ڪنهن معاوضي، انسان کي اڻ ڳڻين نعتمن سان مالامال ڪري، ڪائنات کي لاتعداد خوبين ۽ حسناڪين سان نوازي، بينظير ۽ بي مثال بڻايو آهي. گلن ۾سونهن ۽ سرهاڻ، چنڊ جي چانڊوڪي، سج جو ٻرڻ، انڊلٺ جا رنگ، روشن ڏينهن ۽ ڪاري رات، اوچي اڀ ۾ ڪڪر، ڪڪرن کان مٿي جبل، جبلن مان نڪرندڙ چشما، چشمن مان نڪرندڙ پاڻي، پاڻيءَ جا وهڪرا، دڳ ۽ پيچرا، ڍنڍون ۽ ڍورا، درياءَ، سمنڊ ۽ سمونڊن جي رنگ برنگي نظارن ۾، ڌڻيءَ جي وڏائي، حڪمت ۽ ڪمال جي ڪاريگري سمايل آهي. زندگيءَ جي نهايت وينگس، شڪيل ۽ زيبائتن منظرن کي ڏسندي، انسان جن مرحلن مان گذري ٿو، تن ۾ هڪ مرحلو ٻاروتڻ جو به آهي. ٻاروتڻ واري عمر ۾ انسان صادق، سچو، سادو، ابهم، اڀامڙو ۽ معصوم ٿئي ٿو. کيس نانگ، نوڙي، هيري ۽ ڪوئلي ۾ ڪو به فرق نظر نه ٿو اچي. اهڙي اجري، اوجل ۽ خالي ذهن ۾ جيڪي ڪجھ وجھبو، سو پوڙهائپ تائين نظر ايندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو ٻار آئيندي جو اَبو چئجي ٿو. ول ڊيورانٽ لکيو آهي ته: ”جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته، اوهان جا ٻار حليم ٿين، ته پهرين پاڻ حليم ٿيو. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته، اوهان جا ٻار صفائي پسند ٿين، ته پهريان پاڻ صفائي پسند ٿيو. ان کانسواءِ ٻي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ڪانهي. ٻار سان سختيءَ سان ڳالهائڻ، هن جي دل ۾ سخت گفتگوءَ جو نقش ويهارڻ آهي، جنهن جي هو پاڻ اَهلَ ڪري سگهي ٿو“ ٻسرن کي، پيار، پريت، چاهه ۽ محبت جي علامت چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. قدرت ٻارن ۾ اهڙي ته عجيب ڪشش ۽ سڪون سمايو آهي، جو انهن کي ڏسندي، ڏهاڙيءَ جا ٿَڪَ ته ٺهيو پر زندگيءَ جا ٿَڪَ لهيو وڃن. سنڌ سميت دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾، ٻارن جي سٺي پرورش، تعليم ۽ تربيت جي تمام گهڻي کوٽ آهي. دنيا جون سڌريل قومون، ان ڳالهه جو تعين ڪري چڪيون آهن ته: ”سماج جي بنيادي ايڪي ”ٻار“ جي تعليمي، ادبي، ثقافتي ۽ شعوري آبياريءَ لاءِ اهڙا ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جو سڀاڻي اُهو ٻار، پنهنجي ملڪ، قوم، سماج، ڪلچر، تاريخ ۽ ڌرتيءَ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگھي“.

ٻارن جي تعليمي، ادبي ۽ شعوري سگھ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ماءُ ۽ استاد کان پوءِ اديب هڪ اعتماد جوڳو ڪردار آهي. ادب جي سرجيندڙ مرد يا عورت کي اديب يا ساهتڪار چيو ويندو آهي. اديب، (نظم يا نثر) ۾ خيالن جو اظهار ۽ آئيني جيان سماج جي عڪاسي ڪندو آهي. اديب، ماحول جي، انهن مڙني عنصرن کان متاثر ٿئي ٿو، جن تي سماجي زندگيءَ جي عمارت اڏيل هوندي آهي. جيڪي ڪجھ اديب جي زمان ۽ مڪان ۾ وهي واپرائي ٿو، سو سندس قلم جي وسيلي ڪاغذ جي زينت بڻجڻ سان گڏ ادب ۾ ليکجي ٿو. ادب پنهنجي وجود ۾ وسيع معنيٰ ۽ مفهوم رکي ٿو. سادن لفظن ۾، خيال جو اظهار، جيڪو تحرير ۾ اچي اهو ادب آهي. ادب ۾ نثر توڙي نظم جون سڀ صنفون اچي وڃن ٿيون. ادبي دنيا ۾ مردن ۽ عورتن سان گڏ ٻارن به مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻارن لاءِ، ٻارن جي عقل ۽ سمجھ مطابق سرجندڙ ادب کي ٻاراڻو ادب چئجي ٿو. ٻاراڻي ادب جي مدد سان مستقبل ۾ باشعور، اٽل ۽ آزاد انسان پيدا ڪري سگھجن ٿا. ٻاراڻي ادب ۾، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، جمع خان غريب، محمد صديق مسافر، هري دلگير، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، قاضي مقصود گل، ادل سومرو، ڊاڪٽر مهر خادم، ياسر قاضي، ملهار سنڌي ۽ ٻين جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. اڄ جنهن ڪتاب جو جائزو لکي رهيا آهيون، سو پڻ رنگ برنگي گلن جو هڪ خوبصورت گلدستو آهي، جنهن ۾ مجموعي طور 29 ڪهاڻيون ڏنل آهن. ڪتاب ۾ هڪ ڪهاڻي ”سفاڪ پيءُ“ سنڌيڪار جي پنهنجي لکيل آهي، جڏهن ته ٻيون 28 ڪهاڻيون اردو ۽ انگريزيءَ ٻوليءَ مان ترجمو ڪيل آهن. هن ڪتاب ۾، جن ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون شامل آهن، انهن ۾ پرنس عماد، نرگس عامر، سمير نور، رضوان عباسي، اديبه خان، ريحانه نواز ارشد ۽ ٻيا  شامل آهن.

 ڪتاب ”سونهري پيتي“ جو مرتب ۽ مترجم آخوند نور احمد ڏهوٽ آهي. جيڪو تعليم کاتي سان لاڳاپيل آهي ۽ استاد جي حيثيت سان علم جي ڏيئي کي روشن ڪندو پيو اچي. ڏهوٽ صاحب، ڪهاڻين جا ترجما نهايت سليس انداز سان ڪيا آهن. سندس ترجمي ۾ فصاحت ۽ سلاست جا عنصر نمايان نظر اچن ٿا. ڪهاڻي ”امڙ جو پيار“، مان ڪجھ سٽون هيٺ ڏجن ٿيون، جن ۾ لفظن جو سٽاءَ ۽ جملن جي بيهڪ بابت اندازو لڳائي سگھجي ٿو. 

”پرين جي خاندان ۾ هڪ ننڍڙي پري هئي، جيڪا هر وقت ٻين ماڻهن جي مدد ڪندي رهندي هئي. عام طرح سڀ پريون رحمدل ۽ ٻين کي ڪم اچڻ واريون هيون، پر ننڍڙي پري سڀني کان الڳ هئي. هر وقت مصيبت ۾ ڦاٿل ۽ پريشان حال ماڻهن جي تلاش ۾ هوندي هئي... ڇا واقعي تون منهنجي هر خواهش پوري ڪندينءِ، عريشه خوشيءَ مان چيو: ”هي ٻڌاءِ ته توکي ڇا کپي؟“. گل پلريءَ جوش مان چيو. مون کي پنهنجي ماءُ وٽ وڃڻو آهي، هوءَ مون کي ڏاڍو ياد ايندي آهي، پر بابا اهو چوندو آهي ته، هو اسان کان تمام پري هلي وئي آهي. الله تعاليٰ وٽ ۽ ڪڏهن به واپس نه ايندي“. عريشه جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا.

سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد، طرفان 2021ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب ”سونهري پيتي“ جو مهاڳ زرعي ماهر محترم مٺل جسڪاڻيءَ جو لکيل آهي. مهاڳ ۾ جسڪاڻيءَ صاحب ٻارن کي نصابي ڪتابن سان گڏ ادبي ڪتاب پڙهڻ جي هدايت ڪندي لکيو آهي ته: ”نصابي ڪتابن سان گڏوگڏ ٻيا ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون به پڙهڻ گھرجن،. ريڊيو ۽ ٽي وي ڏسڻ توڙي ٻڌڻ گھرجي. ان اهو ٿيندو، ته جيڪي ڳالهيون پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميسر نه هونديون، اهي ٻيءَ ٻوليءَ جي مدد سان علم ۾ اينديون. ان ڪري جيستائين ٻيون ٻوليون پڙهڻ ۽ سمجهڻ جهڙو ٿي پئجي، تيستائين ٻين ٻولين جو ترجمو ڪيل مواد ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن مان پڙهڻ گھرجي“.       

48 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ”ٻه اکر“ محترم خالد آزاد صاحب جا لکيل آهن، جنهن ۾ سائينءَ، سائنسي تقاضائن کي نظر ۾ رکندي، لکيو آهي ته: ”جديد ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا، زندگي جي طور طريقن سميت سوچ جي انداز کي به بدلائي ڇڏيو آهي. ان ڪري هاڻي ٻارن ۽ نوجوانن جي ادب ۾ مافوق الفطرت ڳالهين بجاءِ حقيقت نگاريءَ تي گھڻو زور ڏيڻ جي ضرورت آهي“.

سنڌيڪار، آخوند نور احمد ڏهوٽ، ترجمه نگاريءَ بابت ويچار ونڊيندي ”پنهنجي پاران“ ۾ لکيو آهي ته: ”هر ٻوليءَ جو پنهنجو لهجو، رنگ ۽ مٺاس هوندو آهي. ترجمي کان پوءِ آکاڻيءَ ۾ فرق ضرور ٿئي ٿو، پر مقصد سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو. ترجمو هڪ پيچيده ڪم آهي...منهنجون ٻاراڻيون آکاڻيون ترجمو ڪرڻ جو مقصد اهو هو، ته جيڪي آکاڻيون انگريزي يا اردو ٻوليءَ ۾ ڇپجن ٿيون، ته اهي اسان جي سنڌي ٻارڙن تائين ڪيئن پهچن؟ ان ڪري هي ڪهاڻين جو ڪتاب سهيڙيو، ته جيئن سنڌ جي چمڪندڙ ستارن جي ڪومل هٿن تائين آسان ٻوليءَ ۾ ڪتاب پهچائي سگھان“.

ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، محترم رجب آزاد جي تحرير سان سينگاريل آهي. جنهن ۾ سائينءَ سنڌيڪار جي فن ۽ شخصيت بابت لکيو آهي ته: ”آخوند نور احمد ڏهوٽ بنيادي طور محقق ۽ تاريخ نويس آهي. هو سنجيده مزاج انسان هجڻ سان گڏ هڪ بهترين استاد پڻ آهي. هن لکڻ جي شروعات به ترجمي سان ڪئي. سندس ترجمي ڪرڻ جي وڏو ۾ وڏي خوبي اها آهي ته هن ٻارن جي ذهن، سوچ ۽ نفسيات کي نظر ۾ رکيو آهي. سادي ۽ سهل ٻولي استعمال ڪئي اٿائين ته جيئن ننڍن ڪلاسن وارا ٻار به با آساني پڙهي سگھن، سمجھي سگھن ۽ اصلاح حاصل ڪن ۽ اڳتي هلي سماج لاءِ ڪارائتا ۽ سلجھيل فرد ثابت ٿي سگھن“.

Post a Comment

0 Comments