سيتارو روڊ کي لائبريري نہ ملي۔
دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)
عوامي سماچار آن لائن
سرجڻهار فورم جي جدوجهد ٻارهين مهيني ۾ داخل، دادو ضلعي جي تاريخي، علمي ۽ ادبي شهر سيتا روڊ کي عوامي لائبريري نہ ملڻ خلاف سيتار سرجڻهار فورم جي عملي جدوجهد ٻارهين مهيني ۾ داخل ٿي وئي آهي، ان سلسلي ۾ سيتا سرجڻهار فورم جي باني مشهور ميمڻ، تنوير پاٽائي، زينب ميمڻ، اسد مشهور، محمد يعقوب پنهور، هالار ياسين ۽ ٻين پاران ڦلجي اسٽيشن شهر جي شهيد فاضل راهو چوڪ کان ايوان صحافت اڳيان حيدر چوڪ تائين”حڪمرانو سيتا روڊ کي لائبريري ڏيو“جي بينر جي سري هيٺ ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي فورم جي باني مشهور ميمڻ، محمد يعقوب، تنوير ميمڻ ۽ ٻين چيو تہ سيتا روڊ جي بدقسمتيءَ آهي جو ان کي بنا ڏسڻ ٻُڌڻ ۽ ڳالهائڻ وارا نمائندا مليا آهن، هنن چيو تہ ٻارهن مهينن کان سيتا ۾ لائبريري جي قيام لاءِ دادو ضلعي جي مختلف شهرن، ڳوٺن، پريس ڪلبن اڳيان احتجاج، شارٽ مارچ، علامتي بُک هڙتالون ڪيون آهن پر واڳ ڌَڻي سيتا جي شاگردن کي مفت تعليم ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ اڳيان نٿا وڌن، هنن چيو تہ اسان پوري ضلعي ۾ عملي جدوجهد ڪيون پيا پر چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا خاموش ويٺل آهن، اسان لکت ۾ وزير اعلي، تعليم ۽ ثقافت جي وزيرن کي پڻ ڏنو آهي پر ان باوجود نوٽيس ناهي ورتو ويو، اسانجي عملي جدوجهد لائبريري ملڻ تائين جاري رهندي، هنن سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو تہ علمي، ادبي ۽ تاريخي شهر سيتا روڊ کي سرڪاري لائبريري ڏئي هزارين شاگردن کي پڙهڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي.

0 Comments