Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

شهيد صحافين جي خون سان انصاف ڪيو وڃي انهن جي پوئينرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 شهيد صحافين جي خون سان انصاف ڪيو وڃي انهن جي پوئينرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي


دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)

عوامي سماچار


 صحافت جي عالمي ڏينھن جي مناسبت سان دادو پريس ڪلب اڳيان صحافين کي حق سچ لکڻ تي ماري شهيد ڪرڻ قلم ڌڻين جي حقن؛ انهن کي تحفظ ڏيڻ صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل خلاف دادو پريس ڪلب جي صدر صابر ڀنڊ لياقت علي ملڪ؛ ادل مهيسر؛ارباب رستماڻي؛ ديدار سيخ ڪامران آزاد بلوچ نويد 



۽ ٻين قلم ڌڻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر صابر ڀنڊ چيو ته اسان قلم ڌڻي هميشه مظلومن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچايو آهي دادو جا صحافي غريب مظلومن جو حقيقي معنيٰ ۾ هڪ واهر ڪندڙ واحد عدالت آهي جتي بنا ڪنهن فيس جي بنا ڪنهن فرق جي هر ايندڙ ماڻهن جي حق جو آواز رهيو آهي صحافين وڌيڪ احتجاج ڪندي چيو ته يوم آزادي صحافت جي وقار لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ صحافين سلام پيش ڪيون ٿا ان سان گڏوگڏ وقت جي حڪمرانن کان اهيو مطالبو ڪيو ته بي باڪ شهيد صحافي عزيز ميمڻ؛ اجي لالواڻي؛ شهيد عظيم لغاري سميت ملڪ جي سڀني شهيد صحافين جي خون سان انصاف ڪيو وڃي انهن جي پوئينرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ اعلانيل نوڪريون ڏنيون وڃن؛ مالي امداد ڏني وڃي جئين انهن جو خاندان پنهنجي ٻچڙن سميت ٻين گهر ڀاتين زندگي بصر ڪري سگهن۔

Post a Comment

0 Comments