ڪورونا وبا جي ڪيسن ۾ واڌارو خطري جي نشاني آهي ڊي سي ميرپورخاص۔
عوامي سماچار آن لائن
ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سلامت علي ميمڻ چيو آهي ته ڪورونا وبا جي ڪيسن ۾ واڌارو خطري جي نشاني آهي ايس او پيز تي عمل ڪري ڪورونا وبا کان بچي سگهجي ٿو اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ آرمي ايس ايس پي ميرپورخاص فيصل بشير ميمڻ روينيو کاتي ۽ واسطيدار عملدارن سان ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري اسپتالن ۾ ڪورونا وبا کان بچاءِ لاءِ وارڊ قائم ڪرڻ جي حوالي سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو انهي موقعي ته هن اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪندي چيو ته شهر ۾ ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙڻ دوڪاندارن سميت هوٽلن اندر کاڌو کارائيندڙ هوٽلن تي ڏنڊ هنيو وڃي ۽ انهي سان گڏ انهن کي سيل پڻ ڪيو وڃي شهرن ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان بينرلڳايا وڃن ڪيبل تي ميسيجز پڻ هلايا وڃن مسجدن اندر سماجي مفاصلي سينيٽائيزر جي استعمال ۽ ماسڪ پائن جي عمل کي يقني بنايو وڃي مسجدن ۾ اعتڪاف تي پابندي لاڳو آهي اعتڪاف گهرن اندر ڪيو وڃي هن
سيڪريٽري ڊسٽرڪ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ميرپورخاص کي هدايت ڪندي چيوته سنڌ حڪومت پاران پبلڪ ٽرانسپورٽ کي ضلعي کان ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي شهرن مان پبلڪ ٽرانسپورٽ جي اڏن کي بند ڪرايو وڃي شهر جي اندر هلندڙ گاڏين کي ايس او پيز تي عمل ڪندي گاڏين ۾ 50 سيڪڙو مسافر ويهاريا وڃن بسن ۾ سماجي مفاصلي ماسڪ پائڻ ۽ سينيٽائيزر جي استعمال کي يقني بنايو وڃي گڏجاڻي ۾ پاڪ آرمي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص پاران مڪمل سهڪارا ڪرڻ جو يقين پڻ ڏياريو انهي موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر پاران ڪورنا وبا کان بچاءُ لاءِ ورتل ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص اسسٽنٽ ڪمشنر کي هدايت ڪندي چيوته تعلقن ۾ ڪورنا وبا کان بچاءُ لاءِ واسطيدار عملدارن ۽ معزز شهرين علماع ڪرامن سان گڏجاڻيون پڻ ڪيون وڃن .

0 Comments