سابق مرحوم ايم پي اي جوهي ڊاڪٽر منظور حسين لغاري جي پندرهين ورسي ملهائي وئي۔
ڊرگھ بالا رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ ۔
عوامي سماچار آن لائن نيوز۔
دادو۔ تقريب سندن اباڻي ڳوٺ حاجي خان ۾ رکي وئي جتي قرآن خواني ڪري مرحوم جي مغفرت لاء دُعا ڪئي وئي, خبر موجب, جوهي تعلقي جي تڪ تي ايم پي اي جي سيٽ تي چونڊيل سابق ايم پي اي مرحوم ڊاڪٽر منظور حسين لغاري جي ورسي تقريب يوسي ڊرگھ بالا جي اباڻي ڳوٺ حاجي خان ۾ ملهائي وئي جتي سندن چاهيندڙ ۽ لغاري برادري جي معززين عزيزن دوستن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, تقريب دوران ايثال ثواب لاء قرآن خواني ڪرائي لنگر پڻ تقسيم ڪيو ويو, ورسي تقريب ۾ سندن گهر واري ايم پي اي ڊاڪٽر سجيلا منظور لغاري, صوبائي صلاحڪار ڊاڪٽر بنده علي لغاري, پڻ شرڪت ڪئي, تقريب دوران مرحوم ڊاڪٽر منظور حسين لغاري جي شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي اڳواڻن ۽ چاهيندڙن چيو ته مرحوم پنهنجي زندگي ڪاڇي جي عوام خاص طور تڪ جي ماڻھن لاء وقف ڪئي هُو هميشه مسڪينن جو ڀرجهلو هيو, ڏکئي وقت ۾ ڪڏھن به هن تڪ جي ماڻھن کي اڪليو نه ڇڏيو, پنهنجي تڪ ۾ ريڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا جن تي اڄ به عوام کين خراج تحسين پيش ڪري ٿو, هُو جوهي تعلقي جي سياست جو وڏو نانءُ ھو وڇڙڻ بعد يارنهن سالن گذرڻ باوجود ماڻھن جي دلين ۾ سمائجي چُڪو آهي هن پنهنجي سياسي دور ۾ جنهن به پارٽي سان رهيو سندن وفاداري ڪئي ورسي تقريب دوران وڏي انگ ۾ ماڻھن مرحوم ايم پي اي ڊاڪٽر منظور حسين لغاري جي شخصيت کي لفظن جي ڀيٽاپيش ڪندي چيو ويو ته وڇڙيو آهين پر وسريو ناهين۔

0 Comments