Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

سنڌ حڪومت جي اعلان ۽ تعليم کاتي جي نئين پاليسي مطابق پرائمري استاد اپ گريڊ نه ٿي سگهيو

سنڌ حڪومت جي اعلان ۽ تعليم کاتي جي نئين پاليسي مطابق پرائمري استاد اپ گريڊ نه ٿي سگهيو۔


دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) 





دادو عوامي سماچار آن لائن   تفصيل  موجب دادو تعلقي جي ٽيسٽ پاس پرائمري استادن پرديپ ڪمار، عرفان علي زئونر، عزيز ﷲ چانڊيو، لطف علي ڪولاچي ،علي احمد سولنگي ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ گورنمينٽ ۽ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ خلاف سخت نعريبازي ڪئي، مظاهرين کي خطاب ڪنديNTS ايڪشن ڪاميٽي ضلع دادو جي  آرگنائيزر پرديپ ڪمار چيو سنڌ ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ پاران سال2020-21 نيو ريڪروٽمينت پاليسي ٺاهي آهي جنهن  مطابق اهي پرائمري استاد جيڪي 09 گريڊ ۾ ڀرتي ٿيا آهن انهن استاد کي گريڊ 14 ۾ اپ گريڊ ڪيو ويندو، پر افسوس بيوروڪريسي هميشه جيان استادن جي عظمت تي وار ۽ ڪوڙا دلاسا ۽ آسرا ڏنا آهن ٽي مهينا گذري ويا پر سنڌ جو استاد اپ گريڊيشن لاءِ اڃا تائين پريشان آهي، سنڌ جي تعليم تي روز روز نوان نوان تجرباتي فيصلا ڪندڙ اختيارن کي سنڌ جو استاد ڇو نٿو نظر اچي جيڪي بغير ڪنهن سهولتن جي، نه اسڪولن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي،۽ نه ئي اسڪولن بجلي جو انتظام، نئي اسڪولن ۾ فرنيچر، نه ئي اسڪولن واش روم، نه ئي استاد کي ڪو ميڊيڪل ڪارڊ ۽ نه ئي ھيلٿ ڊپارٽمينٽ يا ڪورٽن جيان ڪو الائونس ڏنو ٿو وڃي، ان جي باوجود استاد ايترن تڪليفن سان اٽڪائيندي پنهنجي بنيادي حقن کان  محروم رهندي به سنڌ جي معصوم گلن جهڙن ٻچڙن جي آبياري ڪري ٿو

Post a Comment

0 Comments