گاج بند نه ٻڌجڻ ڪري پوکي نه سگهنداسين ڪاڇي جي آبادگارن ۽ هارين پاران بيان ۾ اظهار
ڊرگھ بالا ڪاڇو رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ
عوامي سماچار آن لائن۔
سنڌ سرڪار ۽وفاق نئين گاج بند جي مرمتي ڪم ڪرائڻ کان لنوائي ويا, سانوڻي ۾ ٻه مهينن جو عرصو وڃي بچيو, بند ٽُٽل هئڻ سبب ڪاڇي جي هزارين ايڪڙ زرعي زمين تي چيٽ جي فصلن جي پوکائي متاثر ٿيڻ جو خدشو, مرچ , بصر, جوئر گوار ۽ ٻيا فصل گاج بند نه ٻڌجڻ ڪري پوکي نه سگهنداسين ڪاڇي جي آبادگارن ۽ هارين پاران بيان ۾ اظهار
خبر موجب: گذريل سال سانوڻي ۾ ڀورا ڀورا ٿيل نئين گاج بند ۽ تير ڀت جي مرمت کان وفاق ۽ سنڌ سرڪار نٽائي ويا چار هزار فوٽ تائين گاج بند کي پيل گهارا نه ٻڌڻ جي ڪري هن سال ڪاڇي جي علائقن ۾ چيٽ جي فصل جي پوکائي پڻ نٿي سگهندي جنهن ۾ مرچ,بصر, جوئر, گوار ۽ ٻيا فصل نه ٿيڻ ڪري علائقي جي آبادگارن ۽ ھارين ۾ پڻ پريشاني ڇانيل آهي, گذريل سال ٻوڏ جي تباهي ۾ آبادگارن جي لڙھي ويل فصلن کانپوء ھن ڀيري خوف وچان ساڳين هنڌن ۽ زمين تي چيٽ جي فصل جي پوکائي متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي علائقي جي عارضي طور بحال ٿيل روڊن جي ٻيهر لڙھڻ سبب ڪيترائي خاندان لڏڻ تي مجبور بند ٽُٽل هئڻ ڪري ڪاڇي جي آبادگارن کي ڪروڙين رپيا نقصان پئجي سگهي ٿو, ٻئي طرف ذريعن موجب گاج بند تير ڀت جا مرمتي ڪم جا ايڊوانس ۾ رکيل پئسا خرچ نه ڪرڻ جي ڪري پنجٽيھ لک رپيا اڳوڻو آبپاشي انجنيئر دادو, ۽ ايس ڊي او آبپاشي ڪڍرائي ويا, وڏي رقم ڪڍرائڻ باوجود هن مهل تائين ڪابه جانچ نه ڪرائي وئي آهي ڪاڇي جي آبادگارن سنڌ ۽ وفاقي حڪومت کان پروزو مطالبو ڪيو آهي ته گاج بند کي ايمرجنسي بنيادن تحت سانوڻي کان پهرين مرمت ڪرائي ڪاڇي واسين کي وڌيڪ تباهي کان بچايو وڃي

0 Comments