سنڌ حڪومت هٿ وٺي پاڻي جو بحران پيدا ڪيو آهي
دادو(رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)
عوامي سماچار آن لائن۔
سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ لياقت علي خان جتوئي چيو آهي ته سنڌ حڪومت هٿ وٺي پاڻي جو بحران پيدا ڪيو آهي، سنڌ حڪومت سارين جو فصل پوکڻ کان منع ڪري ٿي ته ٻڌائين ته آبادگار ڪهڙو فصل پوکين، هن اهڙو اظهار دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. لياقت علي جتوئي چيو ته آبادگارن کي ڪمند جا پئيسا مل وارا نه ٿا ڏين، سنڌ جي معشيت جو دارو مدار زراعت تي آهي سنڌ جي زراعت کي سنڌ حڪومت هٿ وٺي تباھ ڪري رهي آهي. اڳوڻي وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن آهي هڪ ڏينهن ۾ 300 ارب پرڏيهه موڪليا وڃن ٿا. هن چيو ته ميهڙ، جوهي ۾ 25 /25 ڪروڙ روپين ۾ واٽر سپلاء اسڪيمون ٺاهيون ويون جيڪي ناڪاره ٿي ويون خبر ناهي 50 ڪروڙ ڪاڏي ويا، ميهڙ ۽ جوهي جا ماڻهون پيئڻ جي پاڻي لاء تڙپن پيا احتجاج ڪن پيا پر کين پيئڻ لاء پاڻي نه ٿو ڏنو وڃي، جوهي جا ماڻهون ورلڊ بينڪ ۽ ڊبليو ايڇ او کان پاڻي لاء اپيلون ڪن ٿا. پي ٽي آء اڳواڻ چيو ته حڪمرانن سنڌ ۾ انارڪي پيدا ڪري ڇڏي آهي هر طرف ڪرپشن جي لٽ مار آهي.

0 Comments