Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

ڊپٽي ڪمشنر دادو سميع الله نثارشيخ جي صدارت هيٺ درٻار هال دادو ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊ يڪيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي

 ڊپٽي ڪمشنر دادو سميع الله نثارشيخ جي صدارت هيٺ درٻار هال دادو ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊ يڪيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي۔



دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي)

عوامي سماچار


دادو۔ ڊپٽي ڪمشنر دادو سميع الله نثارشيخ جي صدارت هيٺ درٻار هال دادو ۾ ڊسٽرڪٽ پوليو اريڊ يڪيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿئي جنهن ۾ دادوضلعي اندر ايندڙ پوليومهم جيڪا 31 مئي کان 6 جون 2021 تائين  جاري رهندي ان جي انتظامن بابت غور ويچار ڪيو ويو گڏجاڻي کي مخاطب ٿيندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر زاھد حسين ڏاوڇ چيوته صحت کاتي دادوپاران 5 سالن جي گهٽ عمروارن ٻارڙن کي 3لک، 31 هزار۽ 768 ٻاڙڙن کي پوليو جهڙي موذي مرض جي  بچاء جاڦڙا پيارا ويندا ۽ پوليو مهم ۾ ڪم ڪندڙ ٽيمين کي پابند ڪيو ويندو ته هو ڪرونا 



وائرس جي ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪن منهن تي ماسڪ ۽ سماجي وٿي رکن ان موقعي تي اي ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر شاهد حسين شيخ ٻڌايوته دادوجي ڪچي ، پڪي ، ڪاڇي سميت صحت کاتي جون تشڪيل ڏنل 1128 پوليو ٽيمون گهرگهر وڃي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون ۽ پنهنجا فرائض سرانجام ڏينديون ۽ هن قومي ڪاز جي ڪم ۾ ڊاڪٽريا ٻيو ڪو عملي پاران  ڪاب به  لاپرواهي يا غفلت کي  هر گز برداشت نه ڪبو گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنردادو صحت کاتي جي عملدارن ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪندي چيوته پوليو جا ڦڙاپيارڻ هرٻارلاء انتهائي ضرروري آهن ان لاء پوليوجا ڦڙا ٻار کي پيارڻ وارن  انڪاري والدين  کي ڪنهن به صورت ۾ راضي ڪري انهن جي ٻارڙن کي ان ئي ساڳئي ڏينهن تي  پوليوجا ڦڙن پيارڻ واري ڪم کي يقيني بنايووڃي ۽ مائيڪرو پلان تي هرصورت ۾  عمل ڪيو وڃي ۽ مهم کي وقت تي شروع ڪيو وڃي پوليومهم دوران ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لازمي آهي ۽ گهرگهر ڦڙن پيارڻ واريون هيلٿ ورڪرز اهوپيغام عورتن کي پهچائي هن قومي ڪاز ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون تڏهن ئي اسان سڀ گڏجي پوليو جهڙي خطرناڪ مرض ۽ ڪرونا جهڙي وبا کي شڪست ڏئي سگهون ٿا گجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون امداد علي ابڙو، اسسٽنٽ ڪمشنر محمد علي بلوچ ،  ڊسٽرڪٽ ٿرديپ آفيسرميڊم حميرانورشيخ،ڊپٽي ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ فاروق احمد بلوچ، ڊي ايڇ اوآفيسر ڊاڪٽرساجد سومرو، ڊاڪٽر عزيز احمد چانڊيو،  ڊي سي فوڪل پرسن ڊاڪٽرزاهد حسين کهرو، اين اسٽاف آفيسر ڊاڪٽر حسين جهتيال ۽ بين ضلعي افيسرن شرڪت ڪئي

Post a Comment

0 Comments