عالمي سطح کان ڪاروبار بڻايل ڪورونا وئڪيسنيشن وارو عمل
_____________________
محمد اسماعيل لانگاھ
_____________________
ڪورونا دنيا ۾ ھڪ اهڙي وبا طور نمودار ٿي جنهن دنيا جي ڪيترن ئي ظاهري حقيقتن تي پردو رکي ڇڏيو, ۽ ھن وبا وسيلي عالمي سطح تائين ملڪي حڪمرانن کي فائدو ۽ غريب طبقي جو جيتري قدر معاشي استحصال ڪيو اهو خال ڀرجي نه سگهبو, ۽ هاڻي وبا جي روڪٿام لاء مختلف ملڪن وئڪيسن پڻ متعارف ٿي چڪيون آهن, ٻن طاقتور ملڪن آمريڪا ۽ چين ۾ پهرين به وبا تي الزام بازي ٿيندي رهي ۽ ھاڻي عالمي ليول کان هن وقت اهي خبرون موصول ٿي رهيون آهن ته ڪورونا وبا جي وئڪسين کي به تقراري بڻايو پيو وڃي خاص طور ان جو تقرار ساڳئي چين ۽ آمريڪا ۾ ٿي رهيو آهي, سبب اهو آهي ته گذريل ٻن سالن کي ڦھليل هن وبا جي دنيا اندر جيئن جيئن وئڪسين تيار ٿي رهي آهي تيئن تيئن طاقتور ملڪن ۾ اهو تقرار ٿي رهيو آهي ته هو غريب ملڪن کي پنهنجي پنهنجي وئڪسين وڪرو ڪن تازو اهڙي صورتحال پيداٿي چُڪي آهي جنهن ۾ چين طرفان پاڪستان کي فراهم ڪيل وئڪسين تي خاص طور سعودي عرب پاران پنهنجي ملڪ ايندڙ پاڪستانين کي چيني نه پر آمريڪي ۽ برطانوي وئڪسين لڳرائڻ جي هدايتن کانپوء چين پاران فراهم ڪيل وئڪسين ناڪاره قرار ڏيڻ ۽ سعودي عرب ايندڙ پاڪستانين کي آمريڪي وئڪسين لڳرائڻ جون هدايتون ڏيڻ کانپوء ھزارين پاڪستان پهتل ماڻھون سعودي عرب واپسي لاء بلڪل پريشاني واري عالم ۾ مبتلا ٿي ويا آهن ڪورونا وبا ڦھلجڻ جي ڪري هتي ترسيل سعودي عرب جا پاڪستاني ملازم مونجهارن جو شڪار ٿي ويا آهن وزير اعظم عمران خان پاران تازي سعودي عرب جي دوري دوران خاص طور پنهنجي هيٺين ملازمن جي مسئلن تي به سعودي عرب جي حڪومت کي آگاه ڪيو آهي جنهن تي سعودي عرب لچڪ جو مظاهرو ڪري پاڪستانين لاء وڏي رعايت جو اعلان ڪيو ۽ سعودي عرب جي راز تي پاڪستاني سفارتخاني پاران 17 مئي تي سعودي عرب پروازن جي بحالي وارو اعلان به ڪيو پر وري اهو منسوخ ڪري ڇڏيو اعلي سطح کان ٿيل اهڙي اعلان سعودي عرب ويندڙ پاڪستاني ملازمن کي ويتر پريشان ڪري ڇڏيوآهي ۽ اهو اعلان شايد انڪري ئي منسوخ ڪيو ويو آهي ته سعودي عرب جي حڪم تحت پاڪستان پنهنجي ماڻهن کي چيني وئڪسين کانسواء ٻي ڪنهن به ڪورونا وبا وئڪسين لڳرائڻ جو پابند ڪري ڇڏيو
انهن ڪرونا ويڪسينن ۾ ايسٽرا زينيڪا ,فائزر, بئنوٽيڪ, وڊروناجونسن, ٽي ويڪسينز مان ٻه ٻه ڊوز يا چوٿين جو هڪ ڊوز ضرور لڳل هجي ۽ ان جيڪي شرط رکيا ويا وئڪسين لڳڻ کان پوء 14 ڏينهن بعد مسافر سعودي عرب ڏانهن وڃي سگهندو ۽ سعودي عرب صرف هنن وئڪسينن کي قابل قبول ڪندو جنهن جو سرٽيفڪيٽ مسافرن وٽ هجڻ به لازمي هوندو جنهن کي هنن چئن ويڪسين مان ڪابه ويڪسين لڳل نه هوندي ان کي مدينا، جده، رياض، يا دمام، ڪنهن شهر جي هوٽل ۾ 7 ڏينهن آئسوليٽ ڪري 2500 ريال کان 3000 ريال تائين بڪنگ خرچ ٿي سگهي ٿو جيڪو مسافر کي برداشت ڪرڻو پوندو اهڙن شرط نامن بعد هتي پاڪستان پهتل مسافرن کي ڇهن کان ستن مهينن جو عرصو ٿي رهيو آهي جيڪي معاشي طور بلڪل ڪمزور ٿي ويا آهن واپسي لاء سفارتخاني توڙي مختلف هنڌن تي بالا آفيسرن جي شرطن کي به منهن ڏيڻو پئجي ٿو ۽ جيڪڏھن انهن مسڪينن کي اهڙن شرطن ۾ ڦاسايو ويو ته ڪهڙي خبر هو پنهنجا لکين رپين جا ويزا منسوخ ڪري سگهن ٿا, ۽ جن نيون ويزائون لڳرايون هُيون يا جيڪي عهده تي ويل هيا هنن شرطن مطابق کين وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏئي سگهن ٿا هن وقت مڪمل طور سعودي عرب ڏانهن پروازن جي بحالي جو اعلان ته نٿي سگهيو جڏھن به مڪمل طور پابندي ختم ڪئي وئي ته هزارين ڦاٿل ماڻھون پنهنجي واپسي کي ممڪن بڻائڻ جي ڪوشش ضرور ڪندا پر ڳالھ آھي وئڪسينيشن واري عمل جي جنهن ڪري سرڪاري طرح کان اعلان ڪري جنهن پريشاني ۾ خاص طور سعودي عرب ڏانهن سفر ڪندڙ مسافرن کي اڇلايو ويو آهي ان تي اعلي اختياريون سنجيده نموني ڪو لائحه عمل جوڙي فيصلي ۾ تبديليون آڻين بهتر ڳالھ اها آهي ته ڪورونا وبا ۾ جيترو حڪمرانن ڪمايو آهي اوترو غريبن کي مالي طرح ڪمزور ڪيو ويو آهي, غريبن جي روزگار جا سمورا در بند ٿيڻ سان هنن ڪهڙي ڪيفيت مان ڪورونا جي لاڪ ڊائون جو گهڙيون گذاريون هونديون اهو اسانجي حڪمرانن ڪڏھن سوچيو آهي جيڪي پرڏيه ترسيل ماڻھون وڏين فيملين جو پرڏيه رهي ڪري پيٽ پالين ٿا هر مهيني هزارين رپيا ناڻو بئنڪن وسيلي موڪليندا هئا جنهن ۾ سرڪار خود ته ڪمايو , پنهنجا ٻچا به پاليا اهي خاندان جا ڀاتي هن وقت لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن ۽ ڌڻي در هروقت دعاگو آهن ته مالڪ هن وبا مان جند ڇڏاء ۽ حالتون ساڳي پوزيشن تي آڻ, انهن خاندانن جي معصوم ٻارن, ۽ گهرن جي اخراجات وڌڻ سميت ڪيترن ئي مسئلن منهن ڪڍيو, پر اسانجي حڪمرانن کي غريب عوام جي اهنجن جو ڪو به اونو ناهي, ڪورونا وبا جي حقيقت تان پردو کڄندي حڪمرانن جي کنيل قدمن مان عوام بلڪل بيزار ٿي چُڪو آهي ته آخر هن وبا کي حڪمران مفادن خاطر ڪيتري وقت تائين استعمال ڪندا رهندا, انٽرنيشنل پروازن جي بحالي جي اعلان کانپوء خاص طور صحت کاتي جي ملازمن لاء وئڪسين وارو عمل هڪ اهڙي ڪمائي جو موقعو فراهم ٿي رهيو آهي جيڪي هر پرڏيھ ويندڙ ماڻھن کي مختلف نمونن سان پريشان ڪري رشوت وٺندا, انٽرنيشنل ادارن, جهڙوڪ سفارتخاني, ايئرپورٽن, ۽ ٻين هنڌن تي به ڪورونا آڙ ۾ وري به مسافرن کي لٽيو ڦريو ويندو, ڪورونا وبا کي گهمائي ڦيرائي اعلي سطحي اختياريون غريبن جي حق پائمالي کان پاسو ڪن ته جيئن پاڪستان مان خاص ڪري سعودي عرب ويندڙ مسافر پريشانين کان بچي پون, لاڪ ڊائون ۽ وئڪسين واري شرط جي باوجود ڪيترائي مسافر مجبورين سبب دبئي کان بحرين رستي سعودي عرب پهچڻ لاء آتا آهن جنهن تي وئڪسين سميت 7 هزار ريال جي رقم سان ايئن سمجهو کڻي ته هو پهريان ويزا نه پر نوان ويزا خريد ڪري پوء به وڃي رهيا آهن اهو سڀ ڪُجھ ڇو ۽ ڇالاء ڪرڻ تي مجبور آهن ڇو ته ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون سبب ماڻھن جون معاشي حالتون خطرناڪ حد تائين پوئتي پئجي ويون آهن جنهن سبب هو ڪهڙي به حالت کي منهن ڏئي ڪري هتان نڪرڻ چاهين ٿا جيڪو اسانجي حڪمرانن لاء هڪ سوچڻ جهڙو سوال آهي

0 Comments