ڪاڇي جي وسيع تر علائقن ۾ پکڙيل ڄار جي وڻ ۾ پيدا ٿيندڙ ميوو پيرون ۔
ڊرگھ بالا رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ
ڪاڇي جي وسيع تر علائقن ۾ پکڙيل ڄار جي وڻ ۾ پيدا ٿيندڙ ميوو پيرون پچي ويو, صبح ٿيندي ئي ٻار,ننڍا توڙي وڏا مرد توڙي عورتون,ڇٻا ٽُٻڻيون,ٽوريون کڻي پيرون چونڊڻ وڃن ٿا, چونڊيل پيرون چاليھ کان پنجاھ رپيا ڪلو جي حساب سان پيرو کائڻ جو ذوق رکندڙماڻھن کي وڪرو , پيرون وڏي شوق سان ماڻھون خريد ڪرڻ لڳا, سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪاڇي جا پيرون مٽن مائٽن, دوستن, عزيزن کي سوکڙي طور موڪليا وڃن ٿا, پيرون ڪاڇي جي سُڃاڻپ به بڻيل, ڄار جي وڻن جي واڍي سبب ڪاڇي واسين لاء آھستي آهستي هي ميوو انمول ٿيندو پيو وڃي, ٻيلن جي صورت ۾پکڙيل ڄار جو وڻ ختم ٿيڻ بعد مختلف هنڌن تي بيٺل وڻن ۾ ميوو قسمت سان پيدا ٿيڻ لڳو, مختلف هنڌن تي ڄار جي وڏن وڏن وڻن ۾ ميوو اچڻ بعد زمينن جي مالڪن وڻن تي پهرو لڳائي ڇڏيو معصوم ٻار پيرون پٽڻ بغير خالي ٿانون سان گهرن ڏانهن موٽي اچن ٿا, ڪاڇي واسين پاران ڊي سي دادو ۽ ايس ايس پي دادو کان ڄار جي وڻ تي قلم 144 جي پابندي لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔
ڊرگھ بالا: موسمي تبديلن جي باوجود ڪاڇي ۾ پيرون هر سال مئي مهيني جي پهرين هفتي لهي وڃن ٿا, ۽ جڏھن پوري ڪاڇي ۾ ڄار جو وڻ وڏن ٻيلن جي صورت ۾ پکڙيل هو ته ان وقت پيرون لهڻ کانپوء چئن مهينن تائين وڻن ۾ رهندا هئا, پر هن پيرون هوا, طوفان يا برساتن ڪري صرف مهينو به مشڪل سان هلن ٿا, جنهن ڪري دوستن عزيزن ۽ مائٽن کي پيرون تحفي طور پهچائڻ به مشڪل ٿي ويو آهي۔
ڊرگھ بالا : پيرون مختلف رنگن جا ٿين ٿا جنهن ۾ ناسي, ڳاڙھو, ڦڪو, سائو, زردو, سرمائي رنگ جا پيرون تمام مٺا ۽ ذائقيدار ٿين ٿا پيرون جون ڪيتريون ئي خاصيتون آهن جنهن ۾ هاضمو بهتر ڪرڻ به اهم خاصيت آهي پڇاڙي ٿيڻ کانپوء اڃا وڌيڪ مٺاس ڪنٿا, ۽ سُڪائي ڪوڪڙ به ڪياوڃن ٿا, نانگ بلا جي ڏنگيل مريض کي پيرون جو ٻج گهوٽي يعني ڦيڪڙيون پيارڻ سان زهر جو اثر گهٽجڻ به پيرون جي خاص خاصيت پڻ آهي پيرون کي چوپائيو مال ٻڪريون, اُٺ ڍڳا, رڍ شوق سان کائين ٿا, جهنگ جي جانورن ۾ گدڙ پڻ شوق سان پيرون کائيندڙ جانور آهي۔
ڊرگھ بالا : ڄار جو وڻ ٻارڻ منهن ڇپرن , گهرن اڏڻ ۾ وڏو پائيدار هئو, پر هن وقت غريب ماڻھون به قرض کڻي گهرن ۾ لوھ وجهرائڻ لڳا, ڄار جي وڻ وڍجڻ ڪري ماحولياتي آلودگي, گرمي وڌڻ ڪري جهنگ جا جانور به ڪاڇو ڇڏي جبلن طرف هليا ويا طوفانن برساتن کان بچائيندڙ ھن وڻ جي واڍي خلاف علائقي واسين ٻيلي کاتي دادو ۽ مقرر رهندڙ ڊي سيز کان ڪيترائي ڀيرا مطالبا, احتجاج ڪيا پر ڪوبه عمل نه ڪيو ويو علائقي واسين مطالبي کي دهرائيندي ڄار جي واڍي تي قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي۔




0 Comments