Header Ads Widget

Ticker

6/recent/ticker-posts

واهي پانڌي ۽ ڊرگھ بالا روڊ سان ڦر جي ڪوشش

 واهي پانڌي ۽ ڊرگھ بالا روڊ سان ڦر جي ڪوشش


دادو۔ڊرگھ بالا رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ

عوامي سماچار



دادو۔واهي پانڌي ۽ ڊرگھ بالا روڊ سان ڦر جي ڪوشش هٿياربندن پاران مسافرن توڙي مريضن کي کڻي ويندڙ وزير لغاري ۽ عطا محمد سرهيو جي ڪار مٿان سڌيون ڳوليون هلائي ڦر جي ڪوشش ڪئي رات دير سان واهي پانڏي روڊ سان 




واهي پانڌي جي نوجوان وزير لغاري جي ڪار مٿان هٿياربندن سڌيون گوليون هلائي ڪار بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي نتيجي ۾ ڪار جو ٽائر برسٽ ٿي ويو, وزير لغاري جو چوڻ آهي ته مان مريض ڏيکاري واپس واهي پانڌي اچي رهيو هئس ته جوهي لڳ واهي پانڌي روڊ سان ڦر جي ارادي سان بيٺل  هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٽائر برسٽ ٿي ويو پر مون ڪار نه بيهاري پاڻ کي ڦرجڻ کان بچائي ورتو, ان سلسلي ۾ علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي جي مقرري کان پوء دادو ضلعي اندر بدامني وڌي وئي آھي اسان پاڻ کي ڏينهن رات غير محفوظ سمجهون ٿا دادو ضلعي اندر بدامني جو ذميوار ايس ايس پي دادو آهي جنهن کي فوري طور هٽائي امن بحال ڪرايو وڃي

Post a Comment

0 Comments